سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 11 ورهين کانپوءِ شهيد خالد محمود سومري جي قتل ڪيس ۾ ڇهن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن حنيف ڀٽو، سارنگ ٽوٽاڻي، الطاف جمالي، لطف جمالي، مشتاق مهر ۽ دريا جمالي کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالت 11 ورهين کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
ٻڌڻي دوران جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، وڪيل اظهر عباس سولنگي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
11 ورهين دوران 458 کان وڌيڪ ڪيس جون ٻڌڻيون ٿيون، جڏهن ته 17 کان وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌا ويا.
فريادي ڌر طرفان جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ لاءِ هائيڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
فريادي ڌر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت چيو ته جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿئي ٿو، هو جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ويندا.
ياد رهي ته 11 سال اڳ سکر ۾ دهشتگردن مسجد اندر فائرنگ ڪري جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي قتل ڪيو هو.
You might also like