نيويارڪ(رضا رومي)شام کانپوءِ ايران جو وارو ايندو پوءِ پاڪستان جو به نمبر ايندو،ملڪ ۾ اهڙو تاثر زور پڪڙي رهيو آهي ته اسرائيل پاڪستان کي به نشانو بڻائيندو ناليواري ليکڪه عائشه صديقه چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان جنگ نٿو چاهي تازو مسقط ۾ 1.5 جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ اسان جي جگادرين اهو خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انڊيا پاڪستان ۾ روس ۽ يوڪرين جهڙي جنگ ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ عمران خان جا مائٽ آمريڪي پابندين تي خوش ٿي رهيا آهن پر انهن پابندين جو عمران خان سان ڪو به تعلق ناهي،سڀاڻي جيڪڏهن عمران خان ٻيهر وزيراعظم ٿي ويو ته هن آڏو به پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن بابت مسئلا هوندا،هن چيو ته آمريڪا کي ايٽمي پروگرام تي ڪو شڪ ناهي ڇو ته مشرف دور ۾ جنرلن کي گهرائي انهن جي ايٽمي عدم ڦهلاءَ بابت ڪائونسلنگ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان جو معيشت لاءِ آمريڪا تي وڌيڪ انحصار آهي.