عالمي مقابلن لاءِ ويل ڪيئي پاڪستاني رانديگر ۽ عملدار گم، ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ پرڏيهه ويل قومي رانديگرن ۽ عملدارن جي هڪ وڏي انگ جي واپس نه اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڄاڻايل رانديگر ۽ آفيشلز اتي ئي رهجي ويا جنهن جا تفصيل سينيٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن.
بين الصوبائي رابطا وزارت طرفان سينيٽ ۾ لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻاهرين ملڪ راندين جي مقابلن دوران اتي رهجي ويل رانديگرن ۽ آفيشلز جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا.
جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2022ع ۾ هنگري ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ مقابلن دوران پاڪستاني سوئمر ڪي فيضان اڪبر فرار ٿي ويو، 2022 ۾ برطانيا ۾ ڪامن ويلٿ گيمز دوران ٻه پاڪستاني باڪسر واپس نه آيا.
وفاقي وزارت موجب، مارچ 2024 ۾ اولمپڪ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ پاڪستاني باڪسر زوهيب اٽلي ۾ گم ٿي ويو ۽ ان حوالي سان جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي ليفٽيننٽ ڪرنل رٽائرڊ محمد ناصر اعجاز ۽ خالد محمود تي ڏهه لک رپيا ڏنڊ مڙهيو آهي.
سينيٽ ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، امڪاني انساني سمگلنگ ڪرڻ تي معاملو وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزارت آگاهه ڪيو ته جون 2024 ۾ هالينڊ ۽ پولينڊ جو دورو ڪندڙ هاڪي ٽيم جا ٽي رانديگر ۽ هڪ فزيو يورپ ۾ سياسي پناهه جي درخواست ڏني.
سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن انهن رانديگرن تي تاحيات پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.