هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام ۾ هڪ ڪيفي ۾ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل رات ويٽنام جي تخت گاهه هنوئي ۾ قائم هڪ ڪيفي ۾ باهه جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 11 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
رپورٽ موجب باهه لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته 7 ڄڻن کي بچايو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيفي مان هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن باهه لڳائڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
گرفتار شخص پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو ته ڪيفي جي اسٽاف سان بحث کانپوءِ مان پيٽرول جي مدد سان اتي باهه ڏني.
You might also like