ڪائنات ۾ بليڪ هولز جي موجودگي توڙي انهن جي بناوت بابت گهڻي ماڻهن کي خبر هوندي ته اهي ڪهڙيءَ ريت ڪهڪشائن کي هڪ ڳيت ۾ ڳهندا يا ڳڙڪائيندا رهندا آهن، پر سائنسدانن هڪ بليڪ هول بابت انوکو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته خلا ۾ موجود هڪ بليڪ هول گهڻو ڪجهه کائڻ/ڳڙڪائڻ کانپوءِ ڦهلجي يا ڀرجي ويو آهي.
ماهرن موجب اهو بليڪ هول پنهنجي ويجهو واري ڪهڪشائن جو وڏو حصو ڳڙڪائي چڪو آهي جنهن جي ڪري هاڻي اهو غير فعال بڻجي ويو آهي.
ان بليڪ جي سائيز اسان جي سج کان لڳ لڳ چاليهه ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ وڏي آهي ان بليڪ هول جي ايڏي وڏي سائيز، ان جو چاليهه سيڪڙو حصو ڪهڪشائون ڳهڻ جي ڪري ٺهيو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو بليڪ هول ڪائنات جي شروعات واري دور ۾ وجود ۾ آيو هو ۽ جنهن وقت جو اهو مشاهدو پيش ڪيو ويو آهي ته ان وقت ڪائنات رڳو اسي ڪروڙ سال پراڻي هئي. مطلب ته ان بليڪ هول جي هاڻوڪي صورت بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي باقي نظر ايندڙ شڪل ان وقت جي آهي جڏهن ڪائنات رڳو اسي ڪروڙ سال پراڻي هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو بليڪ هول وڌي وڃڻ کانپوءِ ڪائنات ۾ موجود ڪهڪشائن کي کائڻ گهٽائي ويو آهي اڳ جي ڀيٽ ۾ اهو هاڻي رڳو هڪ سيڪڙو ئي ڪهڪشائون کائي ٿو.