اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻن نيوي آفيسرن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل مان موت جي سزا جي فيصلي تي عمل درآمد روڪڻ جو منع نامو ختم ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪيارڊ حملي ڪيس ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ نيوي جي 5 اڳوڻن آفيسرن جي دستاويز حاصل ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
جسٽس بابر ستار پٽيشنرز جي وڪيلن جي بيان کانپوءِ درخواست اڪلائڻ جو فيصلو ٻڌايو، درخواست نيوي جي اڳوڻن آفيسرن ارسلان نذير ستي، محمد حماد، محمد طاهر رشيد، حماد احمد ۽ عرفان الله طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
درخواست گزارن جي وڪيل ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم چيو ته عدالتي حڪم تي سرڪاري وڪيل جي موجودگي ۾ انڪوائري رپورٽ ۽ فيصلي تائين پهچ ڏني ڏني وئي هئي پر انڪوائري رپورٽ ۽ ججمينٽ جي ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي، انڪوائري رپورٽ ۽ ججمينٽ ڏيکاري وئي، جنهن جا نوٽيس ٺاهيا آهن.
نيوي اختيارين بورڊ آف انڪوائري جي رپورٽ کي قومي سلامتي جو معاملو قرار ڏيندي ان جي ڪاپي ڏوهارين کي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. عدالت موت جي سزا ماڻيندڙ جوابدارن کي رڪارڊ جي حد تائين پهچ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، نيوي جي پنجن اهلڪارن کي ڪورٽ مارشل ذريعي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن تي هاءِ ڪورٽ عمل درآمد روڪي ڇڏيو هو.
You might also like