ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بينڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 13 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميدن موجب نومبر ۾ 4.9 سيڪڙو ٿي وئي، معيشت جا تازا انگ اکر اوسر جا امڪان بهتر ٿيڻ جو اشارو ڏئي رهيا آهن.
اسٽيٽ بينڪ موجب پاليسي ريٽ ۾ احتياط سان گهٽتائي مهانگائي ۽ ٻاهرين کاتي تي دٻاءَ کي قابو ۾ رکيو، پاليسي ريٽ ۾ احتياط سان گهٽتائي پائيدار بنياد تي معاشي اوسر کي هٿي ڏئي رهي آهي.
اسٽيٽ بينڪ چيو ته جاري کاتو آڪٽوبر ۾ مسلسل ٽيون ڀيرو وڌيل رهيو، جنهن سان ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 12 ارب ڊالر ٿي ويا آهن.
اسٽيٽ بينڪ موجب جنسن جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي سان درآمدي بل ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي.
واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ طرفان مسلسل پنجون ڀيرو وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
You might also like