جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيرين مزاري سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيين مزاري ۽ راشد حفيظ سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر نويد ملڪ ۽ ظهير شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو وڪيل محمد فيصل ملڪ ليگل ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.
ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ پي ٽي آءِ باني کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي ڪوٽ لکپت جيل کان اڊيالا جيل پهچايو ويو.
اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر نويد ملڪ ۽ ظهير شاهه طرفان غير حاضر جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته غير حاضر جوابدار ڄاڻي واڻي ٽرائل ۾ دير ڪري رهيا آهن.
عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي طرفان جن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، انهن ۾ شيرين مزاري، راشد حفيظ، منير، خادم حسين کوکر، ذاکر الله، عظيم الله، طاهر صادق، مهر جاويد ۽ چوڌري آصف شامل آهن.
شاهه محمود قريشي طرفان 265 ڊي جي درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن سبب ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت شاهه محمود قريشي جي 265 ڊي واري درخواست کي ايندڙ سماعت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
سي آر پي سي 265 ڊي تحت الزام ثابت نه ٿيڻ تي فرد جرم جي ڪارروائي روڪڻ جو چيو ويندو آهي.
عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ ڪل جوابدارن جو انگ 119 آهي، جن مان عمران خان سميت 98 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.