ڳالھين ۾ ڌرين کي سنجيدگي  اختيار ڪرڻ گھرجي

تحرير: سيد مجاھد علي

تحريڪ انصاف سياسي ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پارٽي جي چيئرمين گوهر ايوب ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز واضح ڪيو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ  5 رڪني ڪميٽي جوڙي آھي، جيڪا پارليامينٽ  جي دائري اندر ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿي.

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومتي نمائندن ان تجويز کي  مثبت ۽ ضروري قرار ڏنو آهي، پر ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار يا قانون واري وزير نذير تارڙ  مخالف ڌر جي ان ڳالهه جي آجيان تھ ڪئي پر ڪنھن  ٺوس حڪمت عملي جو اعلان نھ ڪيو. نه ئي پارليامينٽ يا ان کان ٻاهر حڪومتي ڌر  ڳالهين لاءِ ڪنهن ايجنڊا يا طريقيڪار جو اعلان ڪيو آهي. بئريسٽر گوهر حڪومت تي زور ڀريو  آهي ته سندن شڪايتون ڳالهين ذريعي حل ڪيون وڃن ۽ پارٽي کي ٻيھر احتجاج تي مجبور نه ڪيو وڃي. هن اهو به واضح ڪيو ته ڳالهين جي خواهش کي پارٽي جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

پر ان ڳالهه جو شديد خدشو آهي ته حڪومت تحريڪ انصاف جي ڳالهين جي آڇ کي پارٽي جي ڪمزوري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏي يا ان حوالي سان سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪندي.حڪومت  شروع کان  مسئلا حل ڪرڻ بدران اُنهن کي ٽاريندي رهي آهي. ۽ هڪ ڀيرو خطرو ٽري وڃڻ بعد سمجھيو ويندو آھي تھ مسئلو ختم ٿي ويو،پر حقيقت ۾ ڪنهن مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ ان جو حل نھ آھي.

شهباز شريف  سمجھي ٿو ته 26 نومبر تي تحريڪ انصاف جي ناڪام احتجاج کانپوءِ پارٽي ۾ هاڻي ايتري طاقت نه رهي آهي جو هو جلد نئون احتجاج منظم ڪري سگهي. اهو اطمينان دراصل حڪومت جي بي حسي جو سبب بڻجندي. اهو رويو ملڪ ۾ سياسي مونجهاري کي وڌيڪ پيچيده ۽ مشڪل بڻائي ڇڏيندو. حڪومت کي اهو نھ سمجهڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج کي دٻائڻ سان اھا ڪامياب  ٿيندي.انڪري ڳالهائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ان رويي سان مسئلو جاري رهندو ۽  وڌندو.

ڪجهه بنيادي ڳالھين تي اتفاق ٿيڻ تائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو خواب ڏسڻ ممڪن نه آهي.

حڪومت کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي بدليل رويي کي پنهنجي ڪاميابي ۽ انھن جي شڪست سمجهڻ نھ گھرجي.ان بدران ان کي ملڪ کي اڳتي وڌڻ جو بهترين موقعو سمجهڻ کپي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت طرفان هڪ باضابطه ڪميٽي جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن اختلافي ڳالھين تي ڳالھيون ٿي سگھن.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته اها حڪومت کي دٻاءُ واري حڪمت عملي ذريعي ڳالهين لاءِ قائل نٿي ڪري سگهي.بئريسٽر گوهر علي دعويٰ ڪئي ته هو پنهنجو ڪيس پارليامينٽ آڏو پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن پارليامينٽ تي ٽين قوت قبضو نه ڪري، پر ساڳئي وقت بئرسٽر گوھر ۽ شبلي فراز 9 مئي سانحي کي وساري اڳتي وڌڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. پر جيڪڏهن عدالتون گذريل سال 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيسن جو فيصلو نه ڪري سگهيون آھن ته تحريڪ انصاف به ان ڪاررواين جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ ان تي معافي گهرڻ جو قدم ناهي کنيو.

اهو واضح ٿي رهيو آهي ته 9 مئي سانحي دوران پيش ايندڙ پرتشدد واقعن کي فوج ۾ انتشار ۽ ملڪ ۾ امن امان جي سنگين صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. تحريڪ انصاف ان مسئلي جي سنگيني کي تسليم ڪرڻ بدران رڳو سياسي بيانن سان ان کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. حقيقت ۾ اهو رويو به تحريڪ انصاف ۽ فوجي ادارن ۾ اختلافن جو سبب بڻيو آهي. عمران خان پاران فوج سان رابطي جي ڪيترن ئي ڪوششن باوجود ڪو جواب نه مليو.

تازو آءِ ايس پي آر اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف چارج شيٽ جو اعلان ڪيو هو. ساڳئي بيان ۾ چيو ويو ته فيض حميد کان 9 مئي جي واقعن ۽ اهڙن ٻين ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هو ڪجهه سياسي عنصرن سان گڏجي تشدد جي ڪاررواين ۾ ملوث هو. فيض حميد جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي پريس رليز ۾ 9 مئي سانحي جو ذڪر دراصل تحريڪ انصاف لاءِ ڪا سٺي خبر ناهي. جيڪڏهن فوج اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه تي تحريڪ انصاف سان لاڳاپن سبب پرتشدد سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو الزام مڙهي ٿي ته پوءِ تحريڪ انصاف جي قيادت خلاف گھيرو سوڙھو ٿيندو. ان صورتحال جو ڪو به سياسي حل ناهي. ان جو جواب قانوني طور شاھدين ۽ ثبوتن سان ڏيڻو پوندو.تنهن هوندي به جيڪڏهن تحريڪ انصاف  9 مئي 2023ع جي واقعن تي قوم ۽ فوج کان معافي وٺي ۽ غلطي  قبول ڪرڻ جو حوصلو ڪري ٿي ته ان سان  ڳالهين ۾ انھن جو ڪيس مضبوط ٿي سگھي ٿو.

بئريسٽر گوهر علي ۽ شبلي فراز مفاهمت جي ڳالهه ڪندي 26 نومبر جي واقعي جي سموري ذميواري حڪومت تي وجهي ڇڏي آهي. ان ۾12 ڄڻن جي مارجڻ،سڌي فائرنگ ۽ مظاهرين کي نسلي بنيادن تي نشانو بڻائڻ جو الزام ھنيو آهي. هنن اها به دعويٰ ڪئي ته ان ڏينهن کان تحريڪ انصاف جا 200 ڪارڪن گم آهن. مطلب ته پارٽي ضرورت پوڻ تي پنهنجي ’شهيدن‘ جو تعداد وڌائي سگهي ٿي. گوهر علي جو خيال آهي ته حڪومت کي واقعي تي معافي وٺڻ گهرجي، ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي (جن فائرنگ جو حڪم ڏنو) ۽ متاثرين کي معاوضو ڏنو وڃي.ان سان سياسي ماحول به بهتر ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ هن وفاقي حڪومت تي پشتون مظاهرين کي تشدد جو نشانو بڻائي نسلي تعصب کي هٿي وٺرائڻ جو به الزام لڳايو. پر ھو ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت سرڪاري وسيلا ڇو ٿي خرچ ڪري ۽ هڪ صوبي جي عوام کي مرڪز تي حملا ڪرڻ لاءِ بار بار ڇو قائل ڪري ٿي. ڇا تحريڪ انصاف ڄاڻي واڻي پشتون عوام ۾ اهو تعصب پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته مرڪزي حڪومت هن صوبي سان تعصب ڪري رهي آهي ۽ اتي جي عوام سان ظلم ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن ميڙ ۾ هڪ ئي علائقي جا ماڻهو شامل هجن ته پوءِ قدرتي طور ان علائقي جا ماڻهو انتقامي ڪارروائي ۾ متاثر ٿيندا. ان معاملي تي قومي يا صوبائي حساسيت کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو بنياد بڻائڻ مناسب ناهي.

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف کي ڳالهين لاءِ واضح نقطا سامهون آڻڻ جي ضرورت آھي.  جيڪڏهن تحريڪ انصاف حڪومت کان پوئتي هٽڻ جو مطالبو ڪري ٿي يا تحريڪ انصاف  مطالبا وساري رڳو پارليامينٽ ۾ تقريرون ڪرڻ چاھي ٿي تھ ان سان ڳالھيون اڳيان نھ وڌنديون، ٻنھي ڌرين  کي پنهنجي پوزيشن جو اعلان ڪرڻ سان گڏ اهڙا نقطا به پيش ڪرڻ گهرجن جن تي اتفاق راءِ سان سياسي تڪرار کي گهٽائي سگهجي. حڪومت عمران خان خلاف ڌڙاڌر ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ غير ضروري ڪيس واپس وٺي سگهجن ٿا. اهڙي طرح تحريڪ انصاف 9 مئي سانحي بابت به پنهنجي پوزيشن چٽي ڪري سگهي ٿي. حڪومت کي 2018ع ۾ ڌانڌلي جي حوالي ڏيڻ بدران ايندڙ چونڊن جي شفافيت جو يقين ڏيارڻ گهرجي يا چونڊ ڌانڌلي جو جواب ڏيڻ لاءِ وچ مدي وارين چونڊن جو ڪو اشارو ڏيڻ گهرجي. ته جيئن ملڪ ۾ سياسي گرمي پد کي گهٽائي سگهجي.

شهباز شريف انھن  خبرن ۽ تبصرن کان واقف ھوندو تھ  ڪجهه طاقتور حلقا موجوده حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهن ۽ پيپلز پارٽي جي حمايت سان موجوده پارليامينٽ ۾ متبادل حڪومت آڻڻ چاهين ٿا. وزيراعظم کي ان حقيقت  جو بھ علم ھوندو تھ  سندس پارٽي مسلسل عوام ۾ غير مقبول ٿي رھي آهي ۽ ڪا به نئين چونڊ مسلم ليگ (ن) لاءِ تباهه ڪندڙ ٿي سگهي ٿي.ان صورتحال ۾ خود مسلم ليگ (ن) کي  حڪومت ۾ رهڻ تي ضد  ڪرڻ بدران، عوامي رابطا مهم پنھنجي جمعات کي مضبوط ڪري ۽  حڪومت ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏي. اهڙو جرئت  مسلم ليگ ن جي قيادت  جي وس جي ڳالھ نھ آھي. شهباز شريف آخري دم تائين اقتدار سان چھٽيل رھڻ  جي ڪوشش ڪندو ۽ جيڪڏهن سندس حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ اچي ٿي تھ  ان کي سازش قرار ڏئي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. بهرحال، ان وقت تائين عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

تحريڪ انصاف وانگر مسلم ليگ (ن) کي به اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ نوان سياسي امڪان پيدا ڪرڻ گهرجن. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي ڳالهين  ۾ ٻنهي پارٽين کي ڪجهه رعايتون ڏيڻيون پون، پر نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) کي سياسي  جاءِ ملي ويندي  ۽ تحريڪ انصاف پنهنجو سياسي وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي  سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.