ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي عوامي آواز جي خبر تي ايڪشن وٺندي بدين ۾ ڪينال تي پل ٺاهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اسڪول ايجوڪيشن ليٽريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ترجمان روزاني عوامي آواز ۾ ڇپيل خبر جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي تعلقو ماتلي ضلعو بدين جيڪو نصير ڪينال جي سڄي ڪناري تي آهي، جنهن ۾ تقريبن 470 ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته ڀرپاسي جا ڪجھه ڳوٺ جيڪي ڪينال جي کاٻي پاسي تي آهن، انهن ٻارن کي اسڪول جي اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
ترجمان موجب ڪينال تي جيڪا پل تعمير ٿيل آهي، اها اسڪول کان ڪجھه فاصلي تي آهي، ڳوٺاڻن جي تڪليف ۽ ٻارن خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي سهولت لاءِ نئين پل جي تعمير بابت لاڳاپيل عملدارن کي آگاھه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته عوامي آواز نصير ڪينال تي پل نه هجڻ سبب اسڪولي ٻارن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ جي خبر هلائي هئي.