ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران سنڌ جي راڄڌاني جي گرمي پد ۾ وڌيڪ لاٿ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان صاف رهڻ سان گڏ رات جي وقت ۾ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13 کان 15 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسيات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم جو تناسب 76 سيڪڙو آهي ۽ اوتر اوڀر کان ڇهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.
You might also like