” ڀارت بنا چيمپيئنز ٽرافي ناممڪن“ براڊ ڪاسٽرز جي آءِ سي سي کي وارننگ

پاڪستان جي ميزباني ۾شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل تي ڀارت جي هوڏ سبب غير يقيني وارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن.
ڀارت، پاڪستان جي ميزباني ۾ چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تي ڪرائڻ تي ضد ڏيون بيٺو آهي جنهن تحت ٽورنامينٽ ۾ ڀارت پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏندو جڏهن ته پاڪستان ڀارتي بورڊ جي هائبرڊ ماڊل واري آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ غير يقيني واري صورتحال دوران براڊ ڪاسٽر ” اسٽار انڊيا“ جو ڪجهه مهينا اڳ آءِ سي سي کي لکيل هڪ خط سامهون آيو آهي جنهن ۾ ڀارتي ٽيم کي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪرڻ سبب ٿيندڙ مالي نقصان جا تفصيل ڄاڻايا ويا آهن.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ” ڀارتي ٽيم شوقينن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت رکي ٿي ۽ آءِ سي سي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ريونيو پيدا ڪري ٿي، ڀارتي بورڊ سيڪيورٽي خدشن سبب چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان وڃڻ کان انڪاري آهي.“
آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ ڀارت جي هائبرڊ ماڊل جي آڇ تي پي سي بي جي انڪار ۽ فارمولو رد ڪرڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
خط موجب، بي سي سي آءِ، پي سي بي جي مطالبي تي اعتراض واريو آهي، ان سان گڏوگڏ آءِ سي سي طرفان به پي سي بي جا مطالبا مڃڻ جو امڪان گهٽ آهي، اميد آهي ته آءِ سي سي ڀارت جون ميچون پاڪستان کان ٻاهر ڪرائڻ لاءِ پي سي بي کي واڌو رقم ادا ڪندو
اسٽار انڊيا جي خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ” ڀارتي ٽيم آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو لازمي حصو آهي، جيڪڏهن آءِ سي سي کي بي سي سي آءِ ۽ پي سي بي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي تي آءِ سي سي جي چونڊ بي سي سي آءِ هوندي.“
اسٽار انڊيا جي خط ۾ پنهنجي موقف جي وضاحت لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته ” چيمپيئنز ٽرافي جي نشرياتي حقن جي مجموعي رقم 750 ملين آمريڪي ڊالرز آهي، جيڪڏهن ڀارت ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيندو ته آءِ سيسي کي 750 ملين آمريڪي ڊالرز مان نوق سيڪڙو جو نقصان ڀوڳڻو پوندو جڏهن ته پاڪستان جي غير موجودگيءَ ۾ اِهو نقصان جو ڪاٿو رڳو ڏهه سيڪڙو هوندو. “
ياد رهي ته پاڪستان آءِ سي سي ۽ ڀارتي بورڊ کي چيمپيئنز ٽرافي جي تڪرار ڊگهي مدي واري حل لاءِ پارٽنرشپ فارمولو پيش ڪري چڪو آهي جنهن موجب پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ملڪ ۾ ڪو به ايونٽ نه کيڏندا.
اِهو فارمولو چيمپيئنز ٽرافي کان لاڳو هوندو ۽ ايندڙ ٽن ورهين تائين برقرار رهندو جنهن تحت ڀارت دبئي ۾ ميچون کيڏندو ۽ پاڪستاب به ايندڙ ٽن سالن تائين پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.