ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 75 هزار 6 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 428 رپيا واڌ بعد 2 لک 36 هزار 6 سئو 45 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 5 ڊالرز اضافي بعد 2 هزار ڇهه سئو 45 ڊالرز آهي.
Next Post
You might also like