”ڌوني سان دوستي ناهي“ هرڀجن جا اڳوڻي ڀارتي ڪپتان بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هو گذريل 10 سالن کان ايم ايس ڌوني سان رابطو ناهي ڪيو.
هرڀجن سنگهه چيو آهي ته کيس ڌوني کان ڪا شڪايت ناهي، پر ان جي باوجود هن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ نه سندن وچ ۾ ڪا دوستي آهي.
انٽرويوءَ دوران اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ٻڌايو ته جڏهن هو آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز لاءِ کيڏڻ آيو هو، تڏهن ڌوني سان ڳالهايو هو، پر ان کان پوءِ 10 سال يا ان کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ۽ ان دوران ٻنهي ۾ رابطو ناهي ٿيو.
هرڀجن سنگھ وڌيڪ چيو ته ”ڌونيءَ سان اختلافن جو ڪا خاص سبب ناهي، ٿي سگھي ٿو ته ڌوني وٽ ڪو سبب هجي، پر ان بابت مونکي ڪجهه ڄاڻ ناهي.“
هن چيو ته ”مان رڳو انهن سان رابطي ۾ رهان ٿو جيڪي منهنجي عزت ڪن ٿا ۽ مون سان سچو تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن ڌوني کي ڪا شڪايت آهي، ته هو مون کي ٻڌائي سگھي ٿو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.