لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد اوپنر فخر زمان کي ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ وائيٽ بال اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
اربع جي ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊز جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ فخر زمان سميت اهم رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
فخر زمان بابت عارضي وائيٽ بال هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو ته فخر جي نالي انڪري غور ناهي ڪيو ويو ڇو هو اڃا فارم ۽ فٽنس مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو.
هيڊ ڪوچ شاهين آفريدي جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ بابت ٻڌايو ته شاهين جو ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل نه هجڻ هڪ اسٽريٽجِڪ فيصلو آهي ته جيئن اِهو يقيني بڻائي سگهجي ته هو چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ جسماني ۽ ذهني طور تازو توانو رهي.
عاقب جاويد جو چوڻ هو ته انگلينڊ خلاف شاندار ڪارڪردگي باوجود ساجد خان کي سليڪٽ نه ڪرڻ هڪ ڏکيو فيصلو هو پر سينچورين ۽ ڪيپ ٽائون ۾ تيز بالنگ لاءِ سازگار ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي سندس جاءِ تي محبد عباس کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو جيڪي اهڙي ڪنڊيشنز ۾ بالنگ جو وسيع تجربو رکي ٿو.
You might also like