ڪراچي ايئرپورٽ حملي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ اهم حقيقتون سامهون اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي هوائي اڏي ويجهو چيني قافلي تي حملي جي ٻئي ڪيس جي جاچ دوران وڌيڪ اهم حقيقتون سامهون آيون آهن.
سي ٽي ڊي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني قافلي آپگهاتي حملي جي ٻئي ڪيس ۾ مالي سهڪار ۽ رٿابندي جي شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
رپورٽ موجب، آپگهاتي حملو رٿابندي ۽ فنڊنگ جي مدد سان ڪيو ويو، پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ۽ ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان مالي سهڪار ۽ رٿابندي ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منصوبي کي مارجي ويل دهشتگرد فهد ۽ گرفتار جوابدار جاويد جي ذريعي عملي جامو پهرايو ويو، جڏهن ته دهشتگرد جاويد پوليس آڏو آپگهاتي حملي ۽ رٿابندي جو اعتراف ڪيو.
شروعاتي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيل ڪار شورم تان 71 لک رپين ۾ خريد ڪئي وئي، اِها رقم حب چوڪي جي هڪ نجي بئنڪ ذريعي ادا ڪئي وئي، گاڏي ۾ بارودي مواد ڀري منصوبو مڪمل ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي ڪمانڊر بشير احمد بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل نامزد آهن، دهشتگردي جي مدد ڪندڙ نجي بئنڪ آفيسر ۽ اڪائونٽ هولڊر کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اِهو ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي، فنڊنگ، بارودي مواد، قتل ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجهو آپگهاتي حملي ۾ ٻن چيني شهرن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.