غوثپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، معصوم نينگري قتل

غوثپور (رپورٽ : عبدالجبار اوڳاھي ) غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ھڪ ٻي مٿان جديد ھٿيارن سان حملوڪري فائرنگ شروع  ڪري ڏني فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو گهر جي ٻاهران راند کيڏڻ دوران  7 سالن جي معصوم نينگري ڀاڳل سبزوئي مارجي وئي،  لاش غوثپور رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جتي ليڊيز ڊاڪٽر موجود نه ھجڻ ڪري ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو،   اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي،  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو .

  1. ڏهرڪي ڀرسان 2 چوڪيدار پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

کينهجو / ڏھرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار/ عابد ڪوڀر )  ڏھرڪي پوليس جي نااهلي سبب بد امني جي باھ تي ضابطو نه اچي سگهيو ،ڏھرڪي ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي ويل نمبر 41 کان 2 چوڪيدار مبينا طور گم ٿي ويا آهن، سندن وارثن ۽ انتظاميا پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو، گذريل ڏينهن پڻ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي ويل نمبر 41 کان ٻه چوڪيدار پيرسن غلام مصطفي راڄڙي ۽  نوجوان اسد راڄڙي ڪمپني جي ويل تي ڊيوٽي دوران مبينا طور اغوا ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن ان سلسلي ۾ وارثن ۽ ڪمپني انتظاميه پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو پيو وڃي پر ٻي پاسي اھڙو بروقت ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ باوجود ڏھرڪي پوليس ڪنھن به قسم جي ناڪابندي ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ اپاءَ نه ورتا آھن جنھن ڪري مبينه طور اغوا ٿي ويل پورھيتن جي وارثن ۾ ڳڻتي واري لھر ڇانيل آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.