مراد سعيد سي ايم هائوس آهي ته اچي گرفتار ڪريو: بئريسٽر سيف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وفاقي حڪومت پاران مراد سعيد جي وزيراعليٰ هائوس ۾ موجودگي واري دعويٰ تي بئريسٽر  سيف الله چيو آهي ته مراد سعيد جي وزيراعليٰ هائوس ۾ موجودگي جي دعويٰ ڪوڙي آهي.شرمندگي کڻڻ چاهيو ٿا ته وزيراعليٰ هائوس اچي چڪر لڳائي وڃون. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي بيان تي ردعمل ڏيندي بئريسٽر سيف چيو ته اسان کي پاڻ خبر ناهي ته مراد سعيد ڪٿي آهي، جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته سندس لاءِ ڪجهه ڪري ها.صوبائي سڌ سماءَ واري صلاحڪار چيو آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو مراد سعيد کي ڏسن ها ته کين پڪڙين ها ته کين مراد سعيد کي پڪڙڻ کان ڪنهن روڪيو؟، هن چيو ته مراد سعيد اسلام آباد وڃي ڪري ڀڄي ڪيئن ويو، هو اتي نه هو، جيڪڏهن خبر هجي ها ته عطا تارڙ کان پڇي ڪري مان به مراد سعيد سان ملاقات ڪيان ها. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ۾ کيس ٻڌايو هو ته حڪومت اسان کي سنجگاني ۾ احتجاج جي آڇ ڪئي آهي، ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ مناسب ناهي، پي ٽي آءِ باني سنجگاني ۾ ڌرڻي جي اجازت ڏني.  خيبرپختونخواه جي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار چيو ته اسلام آباد ۾ بعد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پارٽيءَ جو فيصلو هو . بيرسٽر سيف چيو آھي تھ بربريت ڪندي حڪومت پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙي ھنئي آھي  وزيراعلي علي امين گنڊاپور جي سربراھي ۾  پي ٽي آئي جي  رھائي واري تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿي آھي. ھن چيو تھ وزيراعليٰ مٿان سڀني جواعتماد آھي  ۽ سانحي ڊي چوڪ  کان پوءِ باني پي ٽي آئي جي آزادي واري تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي آھي. ظلم ھميش ڊنل ماڻھو ڪندا آھن  اگر حڪومت سمجھي ٿي تھ ان سان تحريڪ ڪمزور ٿيندي تھ اھا ان جي ڀل آھي ڪارڪنن جو رت وفاقي حڪومت کي پنھنجي  منطقي انجام تائين پھچائي ڇڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.