اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو آهي ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مراد سعيد هٿياربند افغان شهرين ۽ شرپسندن جو سربراهه وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ لڪيل آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته احتجاج جي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙو داستان ٺاهيو پيو وڃي، سمورين حقيقتن کي عوام آڏو رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي احتجاجن ۾ تربيت يافته ڏوهاري ۽ افغان هئا، انهن سڀني کي هٿيارن جو استعمال چڱي ريت معلوم هو، پر هن ڀيري آخري سڏ جي نالي تي سنسني پکيڙي وئي.هن چيو ته پرڏيهي مهمان جي آمد جي موقعي تي هي سڀ احتجاج ڇو ڪيا وڃن ٿا، رياست گوڏا کوڙي نٿي، رياست جو ڪم امن امان بحال ڪرڻ ۽ شهرين جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. عطاءُ تارڙ چيو ته اسان کي انٽيليجنس اطلاع هئي ته فائنل ڪال جي نالي تي خون وهايو ويندو ۽ لاش ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته بيلاروس جي صدر سان اعليٰ سطحي ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن احتجاج ڪيو پيو ويو ته ڪنٽينر تان گرفتار ٿيل 16 سالن جو نوجوان افغان شهري آهي، ان حوالي سان ائين ڪيو ويو ڄڻ ته اها افغانستان جي حڪومت ۽ عوام جي خلاف آهي، افغانستان جي حوالي سان رياست جي پاليسي بلڪل واضح آهي، هوڏانهن گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا چيو ته کيس چيو ويو ته درخواست ڏئي ٻڌايو وڃي ته جلسو ڪهڙي هنڌ ڪرڻو آهي، پر چوڻ باوجود به درخواست نه ڏني وئي.اسان کي پرڏيهي وفد جي آمد تي سڪيورٽي پلان ٺاهڻو پيو،هن چيو سيڪيورٽي فورسز صبر جو مظاهرو ڪيو، هنن ڪنهن به قسم جو هٿيار استعمال نه ڪيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن هر قسم جو هٿيار استعمال ڪيو ۽ تشدد سميت سرڪاري ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو، فوج کي صرف ريڊ زون ۾ مقرر ڪيو ويو. گهرو کاتي جي سيڪريٽري چيو ته اسان مظاهرين تي ڪيل فائرنگ جي سڀني دعوائن کي رد ڪيون ٿا.