سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ۾ڪارروايون، 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروايون ڪندي 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 9 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب بنون ضلعي جي علائقي بڪاخيل ۾ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ٻي ڪارروائي خيبر ضلعي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ 2 کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائين  دوران پاڪ فوج جا ٻه جوان به شهيد ٿي ويا، خيبر ۾ ڪارروائي دوران لاهور سان واسطو رکندڙ 25 ورهين جو ڪيپٽن محمد زوهيب الدين، جڏهن ته بڪاخيل ۾ آپريشن دوران جهنگ واسي 29 ورهين جو سپاهي افتخار حسين شهيد ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.