ملير ۾ ثقافتي جشن،”سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور“نعرن جي گونج

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، سوين ماڻهن جون اجرڪ ٽوپيون پائي قومي گيتن تي جهمريون، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وڏي وزير جي خاص معاون سليم بلوچ، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي  محمد ساجد جوکيو، ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ، ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي، ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، مارڪيٽ ڪميٽي جو چيئرمين علي زمان جوکيو، سيد خدا ڏنو شاهه، مرتضيٰ يار محمد، وائيس چيئرمين ڊي ايم سي ملير سيد مزمل شاهه، سنڌي ادبي سنگت جو اصغر باغي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو خير محمد مگسي، سنڌ جنرل ڪائونسل جي سربراهه غازي جهنڊير، خاور حسين، سليم جهنڊير، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ملير جو جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، رياض بلوچ، داد ڪريم بلوچ، انجنيئر اعجاز نندواڻي، انجنيئر قربان سومرو، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ، صفدر ڀٽي، عرس کيڙو، بيوس بلالي، عرفان عباسي، اسد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهاڻي، قومي عوامي تحريڪ جو عبدالمنان شيخ، ڊاڪٽر عظمت لُنڊ، امن الدين جوکيو، ستار جوکيو، جاويد مزاري سميت سوين ماڻهن ۽ ٻارڙن اجرڪ ٽوپيون پهري  پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو، نائب صدر ناز شر، جنرل سيڪريٽري سيد رحيم شاهه، خزانچي راجا بلوچ ۽ ٻين عهديدارن آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ وڏي وزير جي خاص معاون سليم بلوچ چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون سنڌ هزارين سالن جي قديم تهذيب رکندڙ قوم آهي سنڌ هميشه انتهاپسندي کي رد ڪندي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي ثقافتي تقريب ۾ ”سجاڳ ٻارڙا تحريڪ“ جا ٻارڙا سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪئنالن خلاف پلي ڪارڊ کڻي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته اسڪولي شاگردن مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا، ثقافتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي ناليواري راڳي استاد واحد لاشاري، شاهد ڀنگوار، گلشير چانڊيو، ڪومل ناز ۽ سونهن لغاري قومي گيت پيش ڪري ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.