ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي دفتر قباء آڊيٽوريم گلبرگ ڪراچي ۾ پڻ سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب رکي وئي. ان موقعي تي سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سونهاري پيار امن دينداري ،رواداري ۽ پيرن ولين جي ڌرتي آھي. پنھنجي ڌرتي ۽ ڪلچر سان محبت زندھ قومن جي نشاني ھوندي آھي. سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي نه صرف سنڌ جي ھڪ خوبصورت ثقافت پر اسلامي تھذيب جي به نشاني آھي. ٽوپي تي سجدي لاءِ ٺھيل محراب جي نشاني چٽو ثبوت آھي جڏھن ته اجرڪ سان ايڏي محبت آھي جو جيئري توڙي پرڻي مرڻي ۾ فخر سان استعمال ڪندا آھيون. سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات مجاھدچنا خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻھو اجرڪ ٽوپي سميت پنھنجي ثقافت سان وڏي محبت ڪري ٿو.اڄ ھڪ منظم رٿا بندي وسيلي اسان کان پنھنجي ٻولي تعليم، وسيلن ، پاڻي۽ حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي. ثقافت جي ڏھاڙي تي سنڌيء ٻولي جي ترقي، اوطاق ڪلچر ، تعليم کي ھٿي ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ بند ٻڌڻ جو عزم ڪيو وڃي. تقريب ۾ ناظم عمومي مولانا محمد دين منصوري، معاون خصوصي زاھد حسين راڄپر سميت دفتر جا ڪارڪن اجرڪ ٽوپي سميت شريڪ ھئا. تقريب جي پڄاڻي تي مولانا اسدالله ڀٽو سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي امن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي.