لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميرو خان ۾ ثقافتي تقريب ٿي گذري.
ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ بلاول پبلڪ اسڪول، دي ويلي اسڪول ۽ ڊائمنڊ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي گيتن تي رقص ڪيو ۽ تقريرون ڪندي مختلف مسئلن کي اجاڳر ڪيو، ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۾ شيلڊون، ميڊلز، روڪ رقم ۽ ٽرافيون ورهايون ويون.
استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتي ڏهاڙو اسان لاءِ عيد جيان آهي، اڄ اسڪولي ٻارن جو ٽيلينٽ ڏسي اها پڪ ٿي آهي ته اسان جا شاگرد مستقبل جا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ مختلف انتظامي عهدن تي فائز ٿيندا ۽ سنڌ توڙي ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
You might also like