ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي 100 انڊيڪس هڪ لک 3 هزار پوائنٽن کان به بلند سطح تي پهچي ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن شيئرز بازار ۾ رڪارڊ ساز تيزي ٿي، مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات 835 پوائنٽن جي وڏي تيزي سان ٿي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 2 هزار پوائنٽن جي سطح پار ڪري 102192 پوائنٽن تي پهچي ويو.
پوءِ مارڪيٽ ۾ 1699 پوائنٽن جي تيزي رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس وڌي 103057 پوائنٽن جي نئين بلند ترين سطح تي ٽريڊ ڪندو رهيو.
ڪاروباري دورانيي جي پڄاڻي تائين مجموعي طور تي 1917 پوائنٽن جي تيزي سان ڪي ايس اي 100 انڊيڪس وڌي 103274 پوائنٽن جي نئين سطح تي بند ٿيو.
You might also like