ايڊز جو عالمي ڏينهن: لاڙڪاڻي ۾ آگاهي واڪ، بچاءَ جا طريقا ٻڌايا ويا

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي واڪ ۽ سيمينار ٿيو.
آگاهي واڪ ڊي ايڇ او آفيس کان شروع ڪيو ويو، جيڪو وي آءِ پي روڊ کان ٿيندي جناح باغ چوڪ پهتو، ان دوران ايڇ آءِ وي ايڊز کان بچاءَ جا طريقا ٻڌايا ويا.
پروگرام جي شروعات فوڪل پرسن ايڇ آءِ وي ايڊز لاڙڪاڻو ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز علي ڏھر، ڊاڪٽر عبدالڪريم، ڊاڪٽر پري داس، ڊاڪٽر شاھده، ڊاڪٽر انيلا اسراڻ سميت ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.