آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران ”ڪورٽ“ جي نالي سان اصلاحي ڊرامو پيش

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران ”ڪورٽ“ جي نالي سان سنڌي اصلاحي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو.
ڊرامي جي ھدايتڪاري خادم حسين شام سنڌي ۽ لالا منير شيخ ڏني، جڏهن ته بھترين ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي جي ڪھاڻي پيش ڪئي وئي.
اداڪارن ۾ رياض مھيسر، فقير اعجاز چانڊيو، شمس سولنگي، غفار لانگاھ، سعود ويسر، مسرت ناز، سڌير گوپانگ، سعيد سانگي، اختر قاضي، عاشق دايو ۽ امجد گل سومرو شامل هئا.
ان موقعي تي سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ چيو ته ڊرامي ۾ سٺو ميسيج ھو ۽ اداڪارن به فن جو بهترين مظاهرو ڪيو.
اداڪار بدر سومرو چيو ته سموري ٽيم بھترين ڪم ڪيو، ڪراڙپ ۾ اولاد ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي ڏيندي آهي پر هن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو ته ماءُ اسان وٽ رهي، بهترين اسڪرپٽ هو.
طفيل احمد عباسي، ناياب سرڪش، مجيد مغيري. سعيد تنيو، مانجھي چانڊيو، علي روشن شيخ پڻ خيالن جو اظھار ڪندي ڊرامي جي تعريف ڪئي.
آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي عھديدارن سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ، عبدالنبي ساريو، امجد گل سومرو، شمس سولنگي، برڪت گاد آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو.
ڊرامي جي شروعات ۾ سينيئر فنڪار شيراز عباسي ڪلام ڳايو، پروگرام جي ڪارروائي علي روشن شيخ، اسحاق اگھم ۽ عبدالنبي ساريو ھلائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.