ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس وڌي 101357 پوائنٽس جي نئين بلند سطح تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 445 پوائنٽس جي تيزي سان ايس اي 100 انڊيڪس وڌي 101357 جي نئين سطح تي پهتو.
-
وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم
اسلام آباد (م ڊ) ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڪيترائي ڏينهن تعليمي ادارا بند رهڻ سبب شاگردن جو تعليمي نقصان ٿيو، تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر جو ڏينهن ورڪنگ ڊي سمجهيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب نئون فيصلو پهرين فيبروري 2025 تائين هوندو.
-
تنگواڻي ڀرسان بگٽي برادري جا اغوا ٿيل 3 ڄڻا آزاد ٿي ويا
تنگواڻي( ن ع آ) تنگواڻي ڀرسان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل بگٽي برادري جا 2 نوجوان بازياب ٿي ويا، وارثن پاران تصديق ڪئي وئي آهي. ٽي مهينا اڳ تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد تنگواڻي – غوثپور لنڪ روڊ تان ٻن نوجوان اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي کي اغوا ڪيو ويو هو مختلف ٽائمن تي ويڊيو وائرل ڪري ڀنگ طلب ڪيو ويو هو ذريعن وٽان معلوم ٿيو راڄوڻي ڪوششن بعد ڀنگ ڀري بازياب ٿي ويا ،