مطيع الله کي گرفتارڪري حڪومت پنهنجو ڪيس لوڙھي ڇڏيو

اسلام آباد (فخر دراني) پي ٽي آءِ پاران جيڪا ھن وقت لاشن جي سياست  ٿي رھي آھي  ۽ اسان جا سوين ڪارڪن مارجي ويا آھن ان حوالي سان مختلف  صحافين سان رابطن آفيسرن ۽ پي ٽي آئي  اڳواڻن سان  رابطن کان پوءِ جيڪا صورتحال سامھون آئي آھي  ان مطابق  ڪي پي ۾ ھن وقت تائين پي ٽي آءِ ورڪرن جا رڳو 4 لاش پهتا آهن.  ٻه چارسدھ ، ھڪ شانگلا  ۾ مڙهه پهتو ۽ ھڪ مڙهه مردان ۾ آندو ويو. سلمان اڪرم راجا پاران جيڪا ڳالھه ڪئي وئي ھئي ڇھن اٺن ماڻھن جي مارجڻ جي منھنجي اطلاع مطابق بھ انگ تقريبن ايترو ئي بيھي ٿو . گرفتار ٿيلن جي حوالي سان پي ٽي آءِ پاران ڪي پي جي 110 ماڻھن جي گرفتار ٿيڻ جو رڪارڊ ترتيب ڏنو ويو آهي جن مان 47 گرفتار آھن ۽ ٻين جو  ڪو بھ اطلاع ناھي تھ ڪٿي آھن . پي ٽي آءِ جي سرڪل ۾ شيئر ٿيندڙ  مارجي ويلن جو انگ 13 آھي. لانگ مارچ جي حوالي سان ماڻھن  ٻڌايو تھ ڪي پي جا سرڪاري وسيلا استعمال ٿيا آھن ۽ ايترو ايڪئپمينٽ ھيو پي ٽي آءِ وارن وٽ جنھن جو ڪو حساب ناھي تيئر گيس جون ٻوريون ھنن پاڻ سان آنديون ھيون . وفاقي حڪومت مطيع الله جان کي گرفتار ڪري  پنھنجو ڪيس ائين ئي ڪمزور ڪيو آھي جيئن رانا ثنا کي ڪوڙي ڪيس ۾ عمران حڪومت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھيو.

پاپا جي صحافي مطيع الله جان جي گرفتاري جي مذمت

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان امريڪن پريس ايسوسيئيشن پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي تي وڌندڙ حملن، سينيئر  صحافي مطيع الله جان جي گرفتاري جي مذمت ڪئي. ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل پريس بيان ۾ جنرل سيڪريٽري يوسف چوڌري اهڙن اپائن کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ صحافتي آزادي تي حملو قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو ته صحافين کي منظم انداز ۾ نشانو بڻائڻ، سندن گرفتاري، اغوا ۽ ڌمڪين ذريعي ڊيڄارڻ شفافيت، احتساب ۽ جمهوري معاشري جي بنيادي اصولن کي ڪمزور ڪري ٿو. ايسوسيئيشن گرفتار صحافين جي فوري آزادي ۽ اغوا ٿيل ميڊيا پروفيشنلن جي حفاظت سان واپسي جي گهر ڪئي. حڪومت تي زور ڏيندي چيو ويو ته صحافين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي ڀڃڪڙين جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

صحافي مطيع الله جان جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر مطيع الله جان جي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر علي آزاد عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته مطيع الله جان جا وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا به عدالت ۾ پيش ٿيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل رياست علي آزاد عدالت ۾ ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته ايف آءِ آر ۾ آئيس جي خريداري ۽ وڪري جو ڪو ذڪر ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل ڪندي چيو ته مطيع الله جان کي هاڻي جڊيشل رمانڊ تي تصور ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.