ڪراچي جي ڳوٺن جي ترقياتي بجيٽ بابت نيب کان جاچ ڪرائي وڃي: عوامي تحريڪ

ڪراچي (رپورٽر). عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري مطالبو ڪيو آهي ته آهي ڪي ايم سي ۽ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ڳوٺن ۽ سنڌي آبادين جي ترقياتي بجيٽ جي نيب طرفان تحقيقات ڪرائي وڃي، ڪراچي شهر ۾ بند ڪيل سنڌي اسڪول ٻيهر کوليا وڃن ۽ سنڌي ماسترن جي ڀرتي ڪئي وڃي، شهر ۾ موجود پرائيوٽ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي نظر انداز ڪندڙ ادارن جي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي، وفاقي سنڌي يونيورسٽي کولي وڃي، ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ميڊيا کي نظر انداز ڪرڻ خلاف ڪاروائي ڪري اتي ريٽائرڊ عملي کي هٽائي سنڌي حاضر سروس اسٽاف به مقرر ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه سنڌياڻي تحريڪ  طرفان  سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف تحريڪ جي 17 نومبر جي احتجاجي مارچ ۽ جلسي جي بهترين رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي مان ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ دعوت جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ڪراچي شهر سميت سنڌ جي سمورن شهرن، ڳوٺن ۾ درياهه  بچائڻ ۽ زمينن تي قبضن خلاف پنهنجي جدوجهد تان دستبردار نه ٿيندي ۽ ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌي عوام سان گڏ هر شهري جو مسئلو سنڌو جي پاڻي چوري آهي، جنهن خلاف سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌي قوم جو ساٿ ڏين. ھن چيو ته  سنڌ جي گاديءَ واري ڪراچي شهر  جي ڳوٺن ۽ سنڌي آبادي جي علائقن جي ترقياتي بجيٽ کي  نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جتي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي برابر آهن، سنڌي اسڪولن کي ڪي ايم سي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي اڻ اعلانيل تالا هڻي شهر مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، شهر جي صنعتي ادارن ۾ سنڌي مزدورن جي ڀرتي کي اوليت جي بنياد تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر هائوس ۾ رٽائرڊ ملازمن کي ڀرتي ڪري سنڌي ٻولي ۽ اسٽاف لاءِ دروازا بند ڪيا ويا آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ ڪونج لاشاري چيو ته سنڌ جي حقن ۽ ڪراچي شهر ۾ دهشتگردن ۽ ٻاهران آيل قبضي خورن جي خلاف ۽ شهر جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي ۽ ڪراچي شهر تاريخي طور سنڌين جو شهر رهيو ۽ رهندو، روزاني ھلچل اخبار جي چيف ايڊيٽر يونس مھر چيو ته 17 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ جي درياءَ بچائڻ جي جنگ ۾ ڪيل مارچ هن شهر ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جا حوصلا بلند ڪيا آهن، ان سان گڏوگڏ اسلام آباد، پنڊي ۽ ڪراچي شهر جي ڪيترن ئي ايوانن ۾ زلزلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، . پي ايف يو جي، جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينئر صحافي خورشيد عباسي چيو ته سنڌ جي حقن سياست ڪندڙ تنظيمن ۽ قيادت کي ڪراچي شهر ۾ پنهنجون مکيه آفيسون کولڻ گهرجن. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور ڪاتيار، امتياز ميراڻي، سينئر صحافي جاويد مهر، مهيش ڪمار، ذوالفقار راڄپر، اسرار شيخ، قاضي اعجاز ، فقير سليم، منصور کوکر، لياقت عباسي، شہزاد جلباڻي، روبينه ۽ ٻين صحافين ڳالهائيندي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي مارچ سنڌي ميڊيا ۽ صحافين جا حوصلا بلند ڪيا آهن ۽ سنڌو درياهه جي تحفظ جي جنگ رڳو سياسي جماعتن جو فرض نه آهي پر سنڌي صحافين کي به ان ۾ ڌر ٿي صحافت ڪرڻي آهي. هنن چيو ته جيئن سنڌي ميڊيا طاقتور ٿيندي تيئن اردو انگريزي ميڊيا به سنڌ جو ڪيس رپورٽ ڪندي ۽ سنڌ جي وطن دوست سياسي پارٽين کي پنهنجي ڊجيٽل ميڊيا جو به پليٽ فارم کولي استعمال ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.