نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ڀرسان هلندڙ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ موريا فقير جي موريا برادري ۽ ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جي آگاڻي برادري وچ ۾ باغ ۾ ٻڪريون پوڻ واري مامري تان شروع ٿيل تڪرار ڪجھ ڏينهن جي ٺاپر بعد ٻيهر تيز ٿي ويو. ٻنهي ڌرين جي فائرنگ سبب موريا ڌر جو همت علي موريو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا محمد حسن ۽ رياض موريو سخت زخمي ٿي پيا. مارجي ويل ۽ زخمين کي نئون ديرو اسپتال پهچايو ويو جتي مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جهيڙي ۾ نوجوان همت موريو جي مارجڻ وارر اطلاع تي موريا برادري جا ماڻهو۽ شهري وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا. مقتول همت موريو ڀاءُ محمد ادريس موريو ٻڌايو ته همت موريو، محمد حسن ۽ رياض زمين تي ساريالي فصل جو لاب ڪري رهيا هئا ته آگاڻي برادري جي هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. گوليون لڳڻ سبب همت موريو ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته محمد حسن ۽ رياض زخمي ٿي پيا. اسان جو وڌيڪ هڪ نوجوان قاصر نواز گم آهي اسان کي خدشو آهي ته قاصر نواز کي مخالف اغوا ڪري کڻي ويا آهن. اسان کي خدشو آهي ته آگاڻي برادري جا ماڻهو اسان جي نوجوان کي ماري ڇڏيندا. هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. موريا ڌر جا لطيف موريو، ايوب موريو، شاهنواز عرف طائو موريو ۽ همت موريو سميت 4 ڄڻا موت جو کاڄ بڻيا آهن جڏهن ته آگاڻي ڌر جو هڪ ڄڻو مجاهد آگاڻي مارجي ويو آهي.