يوڪرائن کي ايٽمي هٿيارن ڏيڻ جي ڪوشش، پيوٽن پاران ” سخت ردعمل“جي ڌمڪي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر والاديمير پيوٽن يوڪرائن ۽ ايٽمي هٿيار فراهم ڪرڻ جي ڪوشش تي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، روسي صدر جو چوڻ آهي جنهن ملڪ سان هو جنگ وڙهي رهيا آهن جيڪڏهن اُهو ايٽمي طاقت بڻجي ويو ته هو ان صورت ۾ پنهنجا سمورا فوجي وسيلا استعمال ڪندا.
هن زور ڏيندي چيو ته تباهي جا سمورا ذريعا روس لاءِ موجود آهن ۽ اسان سندن هر چرپر تي نظر رکنداسين.
پيوٽن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سرڪاري طور تي ڪنهن شئي کي منتقل ڪرڻ مطلب انهن جوهري هٿيارن جي ڦهلاءُ جي روڪٿام وارن واعدن جي ڀڃڪڙي هوندي جيڪي ماضيءَ ۾ ڪيا ويا هئا.
روسي صدر وڌيڪ چيو ته يوڪرائن لاءِ جوهري هٿيار ٺاهڻ عملي طور ناممڪن آهي پر اِهو ممڪن آهي ته هو ڪنهن قسم جو ” ڊرٽي بم“ ٺاهي سگهي جيڪو روايتي ۽ تابڪار مواد سان ليس آهي، جيڪڏهن يوڪرائن ايئن ڪيو ته روس مناسب جواب ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.