پي آءِ اي تان يورپ لاءِ اُڏامن تي مڙهيل پابندي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي ( اياسا ) پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اُڏامن تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.
هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، هوابازي واري وزارت جي مڪمل ڌيان سبب ڪاميابي ملي.
هن وڌيڪ چيو ته اِها ڪاميابي عالمي شهري هوابازي تنظيم جي معيارن موجب حفاظتي نگراني يقيني بڻائڻ سان ممڪن ٿي.
ياد رهي ته يورپي يونين ايئر سيفٽي ايجنسي طرفان پي آءِ اي ۾ پائلٽس جي جعلي لائسنس وارو معاملو سامهون اچڻ تي 30 جون 2020ع تي پي آءِ اي جون يورپي ملڪن لاءِ اُڏامون معطل ڪري ڇڏيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.