اربين ڊالرز ماليت جو سون ذخيرو هٿ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ سون جو هڪ وڏو ذخيرو هٿ آيو آهي جنهن جي ماليت اسي ارب ڊالرز کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، چين جي صوبي هينان ۾ سون جو هڪ انتهائي وڏو ذخيرو دريافت ٿيو جنهن جي ماليت جو ڪاٿو گهٽ ۾ گهٽ 83 ارب ڊالر تائين لڳايو ويو آهي.
رپورٽ موجب، هينان اڪيڊمي آف جيولاجي ٻه هزار ميٽر کان وڌيڪ اونهائي ۾ ٽي سئو ٽن سون دريافت ڪيو آهي، جنهن کي ماهر هينئر تائين هٿ آيل ذخيرن مان سون جو سڀ کان وڏو ذخيرو قرار ڏئي رهيا آهن.
ذخيرو دريافت ڪرڻ واري گروپ موجب، ٽي هزار ميٽر جي اونهائي ۾ هڪ هزار ٽن سون ذخيرا موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.