اسلام آباد(مدثر نظر سنگراسي)ڇا پي ٽي آءِ قيادت ۾ اختلافن سبب ختم ٿي ويندي؟اسلام آباد نه پهچڻ تي ڪي پي جا اڳواڻ پنجاب جي قيادت تي ڪاوڙيل، بشريٰ بي بي ميڊيا جي تکن سوالن کان بچڻ لاءِ لڪي وئي،حڪومت پاران اسلام آباد آپريشن جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ سپهه سالار کي ڏيڻ سان اسٽيبلشمينٽ جي ساک ويتر خراب ٿيندي؟گورنر راڄ جو آخري آپشن به سرڪار لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو؟ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ پرجوش ڪارڪنن جي مدد سان سموريون رنڊڪون ٽوڙي اسلام آباد پهچي وئي پر پوءِ خوف ۾ ورتل رياست جي قدمن ۽ خود بشريٰ بي بي جي غلطين ان پاور شو کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ذريعا ته اهو ٻڌائن ٿا ته پي ٽي آءِ کي ڄار ۾ ڦاسايو ويو،بشريٰ بي بي ”ڳجهن هٿن“ ۾ کيڏجي وئي اهي ئي ”نه نظر ايندڙ هٿ“ جيڪي 75 سالن کان سياست کي پنهنجي آڱرين تي نچائڻ جا ماهر ٿي چڪا آهن،هاڻي حالت اها آهي ته ڊي چوڪ سانحي جي ملبي هيٺيان پي ٽي آءِ اڳواڻ بِر لڳا پيا آهن،هڪ ٻئي ۽ خاص طور تي بشريٰ بي بي تي الزام ميڊيا جي زينت بڻيل آهن،ان وچ ۾ بئريسٽر سلمان اڪرم راجا ۽ صاحبزاده حامد رضا جون استعيفائون به ڪنهن وڄ کان گهٽ ناهن،بشريٰ بي بي جي مستقبل جو فيصلو عمران خان ڪندو،پارٽي اندر ماتم جاري آهي، قيادت پارٽي اندر ڀڃ ڊاهه ۽ ڪارڪنن جي ڪاوڙ جي لهر وارو ڌڪ ڪيئن پچائيندي اهو ته ويجهي مستقبل ۾ واضح ٿي ويندو پر ان جي مشڪلات ۾ يقينن واڌ ٿي آهي،اسٽيبلشمينٽ ان سان گڏ ناهي، ميڊيا ان جي خبرن جو بليڪ آئوٽ ڪري رهي آهي،پارليامينٽ ۽ ان جي قانون سازي به ان جماعت جي حق ۾ ناهي،سوشل ميڊيا به فائر وال جي مهربانين سان پابندين جي وڪڙ ۾ آهي،ان جي ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهين جي به ڪا اميد نظر نه پئي اچي، اها به حقيقت آهي ته تحريڪ انصاف ”سخت ترين جبر ۽ زيادتين“ باوجود اڃا تائين ميدان تي آهي، عوام جو هڪ وڏو انگ ان جو حامي آهي، عالمي سطح تي به پارٽي لاءِ آواز اٿي رهيا آهن، ٻئي پاسي ”هائبرڊ پلس رجيم“ جي وائڙائپ ان مان لڳائي سگهجي ٿي ته اسلام آباد جي اسپتالن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي لاشن بابت تحقيقات ڪندڙ سينئر صحافي مطيع الله جان کي کنڀي آئس اسمگلنگ جي کل جوڳي الزام هيٺ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي،حڪومت جي ان قدم سان اڳ ۾ ئي پابندين جي وڪڙ ۾ آيل صحافتي حلقن ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي،شهبازشريف ۽ مريم نواز عمران خان جي دور ۾ جنهن مطيع الله جان جي ايجنسين هٿان اغوا جي مذمت ڪندا هئا اهو ئي مطيع الله جان اڄ شهباز دور ۾ سلاخن پٺيان آهي،اسلام آباد جي تازن واقعن سان سياست جي تلخين ۾ واڌ ٿي آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو هاڻي وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آهن ۽ اهي پنهنجي باني جي جيل مان آزاد ٿيڻ تائين سک سان ويهڻ وارا ناهن،ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪجهه عرصي کانپوءِ نئين ولولي ۽ جوش سان احتجاج ڪندي نظر اچن،عدليه جي آزادي کي نقصان ،انٽرنيٽ کي ريگيوليٽ،ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ اسلام آباد ۾ طاقت جي بي انتها استعمال باوجود اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو جيڪڏهن ان کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي رهيا آهن ته کين ياد رکڻ گهرجي ته سندن اقتدار تي گرفت مضبوط نه پر ڪمزور ٿي رهي آهي،ڇو ته عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي،طاقت جو استعمال،پابنديون،اٻهرائپ وارا رياستي قدم پي ٽي آءِ کي تازي جهٽڪي مان ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا،بحران جو واحد وري به ڳالهيون ئي آهن، ٻنهي پاسن تي انا،ضد ۽ ڪاوڙ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته هڪ رٽائرڊ دفاعي ذريعي جناح ايونيو تي لڳل تماشي جو الزام اسٽيبلشمينٽ تي مڙهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، حڪومت هر سياسي،معاشي،انتظامي قدم جو ڪريڊٽ فوج کي ڏئي رهي آهي ۽ وزيراعظم پاڪستان جو ڪالهوڪو بيان رڪارڊ تي آهي ته اسلام آباد ۾ وڳوڙين کي منهن ڏيڻ ۾ سپهه سالار ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، هونئن به وزيراعظم آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خوشامد ۾ ڪو موقعو وڃائڻ ناهي ڏيندو، سوشل ميڊيا اسٽيبلشمينٽ خلاف نفرت وارن بيانن سان ڀري پئي آهي،اسٽيبلشمينٽ جي رٽائرڊ حلقن ۾ ان ڪاوڙ جي لهر تي بي چيني پکڙيل آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هائبرڊ پلس رجيم اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي ئي ڪُڏي رهيو آهي،اهو نظام ڪيستائين هلندو؟ ڪا ضمانت ناهي،اتحادي سرڪار جي معاشي قدمن سان في الحال ته ڪو عوام کي سڌو سنئون فائدو ناهي پهتو،اڳتي هلي ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي،جڏهن ته سياسي منظرنامي تي ڇانيل ڪارا ڪڪر هٽائڻ لاءِ حڪومت کي وري به بردباري سان ڪم وٺڻو پوندو،ڇو ته مک ذميواري ان جي آهي،پي ٽي آءِ کي به سياسي ڊائلاگ جي اهميت کان انڪار سبب هيل تائين ٿيل ناڪامين جي ملبي مان نڪرڻو پوندو،وٽن هاڻي غلطين جي گنجائش گهٽ ئي بچي آهي،عمران خان کي به مستقبل ۾ جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته رڳو”طاقتورن“ ڏانهن نهارڻ بدران پنهنجي سياسي قبيلي کي اهميت ڏيڻي پوندي