بشريٰ بي بي سان اختلافن جون خبرون، گنڊاپور جو موقف سامهون اچي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي سان اختلافن جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.
هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته سندس ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، ان حوالي سان هلندڙ سموريون خبرون پروپئگنڊا آهي.
هن چيو ته سندن خلاف بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سندن مقصد پي ٽي آءِ باني جي آزادي آهي.
وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته هو اڄ خيبرپختونخوا اسيمبليءَ خطاب ڪندو، جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ اڳتي ڇا ڪرڻو آهي اِهو سڀ خطاب ٻڌائيندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي هئي ته اجلاس دوران علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.