عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک متاثر، سيڙپڪار سوچڻ تي مجبور

اسلام آباد (شيراز پراچا) پي ٽي آءِ جي اعلانيل احتجاج ۾ جهڙي ريت خيبرپختونخوا جا ماڻهو عمران خان جا شيدائي بڻجي اسلام آباد آيا، کين ائين لڳي رهيو هو ته ڊي چوڪ پهچندا ته عمران خان آزاد ٿي ويندو پر کين عمران خان جي حقيقت جي خبر ناهي ته هو هڪ دوکو آهي، هو سراب جي پٺيان لڳا آهن. جيستائين عمران خان جي شيدائن کي ان ڳالهه جي خبر پوندي تيستائين گهڻو نقصان ٿي چڪو هوندو. علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي رابطن ۾ هئا ۽ ڊي چوڪ تي جڏهن ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ٿيون ته هو اتان نڪري ويا. پي ٽي آءِ جي احتجاج جو مقصد بيلاروسي صدر جي دوري کي ناڪام بڻائڻ هو. بيلاروسي صدر جو دورو ان لاءِ اهم هو ته بيلاروس روس جو اهم اتحادي آهي ۽ بيلاروس تي آمريڪا ۽ يورپي يونين جو پابنديون آهن ۽ اهي ملڪ ٻين ملڪن سان لاڳاپا بحال ڪري رهيا آهن. بيلاروس جي صدر جو دورو ائين آهي جيئن روس جي صدر دورو ڪيو هجي. ان دوران معاهدا به رٿيل هئا پر پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک متاثر ٿي ۽ هاڻي سيڙپڪاري اها ڳالهه سوچيندا ته هو هن ملڪ ۾ ڪيئن سيڙپڪاري ڪري سگهندا.

نوٽ: هي تجزيو، رزواني عوامي آواز، جمعو 29 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.