مظاهرين تي تشدد خلاف انفارميشن کاتي جي ڪاموري سليمان شاهه راشدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جي خلاف احتجاج  طور هڪ ڪاموري رياستي ڏاڍ جي مذمت ڪندي، پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏني. تفصيل موجب انفارميشن گروپ آف پاڪستان جي سول سرونٽ سليمان شاهه راشدي ملڪ جي موجوده صورتحال کان مايوس ۽ تنگ ٿي سول سروس آف پاڪستان تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. استعيفيٰ ۾ هن ملڪ جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسلام آباد ۾ مظاهرين خلاف حڪومتي آپريشن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ميڊيا جي ڪردار تي به تنقيد ڪئي. هن لکيو ته ”مان ملڪ ۾ جاري خوفناڪ صورتحال تي مڪمل مايوسيءَ سان پاڪستان جي سول سروس تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، رياستي جارحيت جي وچ ۾ بي هٿيار مظاهرين کي پنهنجي جان جي بچاءَ لاءِ ڊوڙندو ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي.  مان پاڪستان جي مکيه ميڊيا جي پڻ مذمت ڪريان ٿو ته هو شهرين جي حالت زار ڏانهن اکيون بند ڪري رياستي جارحيت کي هٿي وٺرائڻ جي بجاءِ سندس مددگار طور ڪري رهيو آهي. سليمان شاهه راشدي لکي ٿو ته هاڻي ضمير جي ڳالهه آهي ته مان انهيءَ ”نظام“ جو حصو رهيس، جيڪو ناحق پنهنجي ئي ماڻهن تي حملا ڪري ٿو، جيڪو فقط اشرافيه جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو.  پاڪستان ۾ جمهوري عمل  کي واضح طور تي خراب ڪري ٿو جيڪو غير معقول طور تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن کي رد ڪري ٿو، جيڪڏهن اهي فيصلا ڪنهن به صورت ۾ ”حاضر قوتن“ جي خواهشن جي خلاف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.