سنڌ حڪومت عورتن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪميشن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، ملازم پگهارن لاءِ پريشان

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عورتن کي برابري جا حق فراهم ڪرڻ جي دعويدار جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ”ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين“ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، وڏي عرصي کان ڪميشن جي چيئرپرسن مقرر نه ٿي سگهي، جنهن سبب سمورا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا، ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون پڻ ناهن ملي سگهيون. عورتن تي گهريلو تشدد، ننڍي عمر ۾ شادي ۽ هراساني سميت ٻين مسئلن تي ڪم ڪندڙ سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين پاڻ مسئلن جو شڪار ٿي وئي. سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ڪميشن آف دي اسٽيٽس آف وومين جو قيام عورتن کي برابري جا حق فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو پر اها ڪميشن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازم پاڻ مسئلن جي ور چڙهي ويا آهن. هڪ ميمبر موجب ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ناهن مليون، جنهن سبب اهي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته ڪميشن جي چيئرپرسن به مقرر ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڪميشن جي آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ مان ٻئي هنڌ منتقل ڪندي ننڍڙي آفيس ڏني وئي آهي ۽ ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪميشن جا ملازم پاڻ بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن. ملازمن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پگهارون جاري ڪرڻ سميت چيئرپرسن جي جلد مقرري ڪئي وڃي ۽ ٻيا مسئلا به ترت بنيادن تي حل ڪيا وڃن ته جيئن ملازمن جي بي چيني ختم ٿئي ۽ ڪميشن پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.