ڪرم ۾ ٺاپر نه ٿي، 8 ڏينهن اندر مارجي ويلن جو انگ 111 ٿي ويو

پشاور(م ڊ) ڪرم ۾ ٺاپر نه ٿي، 8 ڏينهن اندر مارجي ويلن جو انگ 111 ٿي ويو آهي. ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي معاهدي باوجود جهيڙا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٿيو هو پر ان باوجود 8 ڏينهن کان مسلسل ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٿيو هو پر ان باوجود 8 ڏينهن کان مسلسل ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي. پوليس موجب تازين جهڙپن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن، جهڙپ ۾ هينئر تائين 55 ڄڻا مارجي ويا ۽ 149 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب 21 نومبر تي مسافر گاڏين تي حملي ۾ 52 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.