عمرڪوٽ (ڊ ر ) عمرڪوٽ ٽي مھينا اڳ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي واقعي ۾ احتجاج دوران الله والا چوڪ تي مظاھرين پاران پوليس موبائيل کي باھ واري مامري تي ان وقت جي ايس ايڇ او الطاف شاھ کي اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏنو ھو جيڪا جاچ مڪمل ٿيڻ بعد موجوده ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ ايس ايڇ او سيد الطاف شاهھ کي بحال ڪري ڇڏيو.