پي ٽي ڌرڻو، پولي ڪلينڪ ۽ پمز مان صرف 5 لاش مليا: ثاقب بشير

اسلام آباد (اعزاز سيد) مطيع الله جان  سان گڏ کنڀجي ويل صحافي ثاقب بشير چيو آھي تھ اسان 9 وڳي کان تين وڳي تائين پمز ۾ رھياسين  پر آفيس بواءِ کان ويندي ايگزيڪوٽو تائين ڪنهن به  اسان کي ڪا بھ معلومات فراھم نھ ڪئي انفارميشن بليڪ آئوٽ ھيو سرڪار جو چوڻ ھيو تھ ڪي به اهڙيون فوتگيون ناهن ٿيون، پي ٽي آءِ جو موقف ھيو تھ 20 ماڻھو مارجي ويا آھن  ۽ سوشل ميڊيا پنجٽيھ 40 جو انگ ڏئي رھي ھئي اسان اھو فيڪٽ چيڪ رھيا ھياسين اسان کي جيڪو رڪارڊ مليو ان مان صرف 2 لاش مليا، تنھن مان بھ ھڪ شڪي ھو، باقي 26 کن زخمي ھئا. ٻن مارجي ويلن جي تصديق  پولي ڪلينڪ مان ٿي جڏھن تھ هڪ ٻيو لاش به پيل هو پر  ان بابت ڪا اپڊيٽ نھ ھئي. 9 وڳي وري اسان پمز وياسين تھ ان شڪي ڊيڊ باڊي بابت وڌيڪ جاچ ڪري سگھون پارڪنگ ۾ ھڪ گاڏي مان ڪجھ ماڻھو وڌيا ۽ اسان کي ڊالي ۾ وڌائون مٿان ڪپڙو وجھي ڇڏيائون ڪنھن جڳهھ تي کڻي ويا پوءِ مون کي ڪپڙو وجھي گاڏي ۾ ويھاري آئي نائين جي ايريا ۾ ڇڏي ويا  ۽ چئي ويا تھ  ٿورو خيال سان رھو ، اسد طور ڳالھائيندي چيو تھ مطيع الله جان جي خلاف ن ليگ جا سپورٽر سوشل ميڊيا تي  ٻن ڏينھن کان  مھم ھلائي رھيا ھيا.

نوٽ: هي تجزيو، رزواني عوامي آواز، جمعو 29 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.