ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي سرواڻ رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ سان پنجاب کي ته ترقي ملندي پر سڄي سنڌ بنجر بڻجي ويندي پنجاب گذريل 70 سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جي زراعت تباھ ٿي رهي آهي اهڙو اظهار هن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ اعلان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جھڙو آهي قومي ۽ صوبائي اسيمبليون سنڌ جي عوام جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن هن چيو ته سنڌ جي عوام پاران سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ جي مخالفت ڪرڻ اصل ۾ سنڌ جي حقن جي جنگ وڙهڻ آهي سنڌ ۾ اڳ ئي 35 کان 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي آبادگار ۽ هاري پنهنجا فصل پوکڻ لاءِ پريشان آهن پڇڙي جا آبادگار ۽ هاري زراعت ته هڪ طرف پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان رهن ٿا هن چيو ته سنڌ ۾ ڪوئلي، گيس سميت ٻيا قدرتي وسيلا موجود آهن پر انهن وسيلن سان سنڌ کي فائدو ڏيڻ بدران انهن وسيلن جي لُٽ مار ڪئي پئي وڃي سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي سنڌ ۾ اغوا ۽ ڌاڙا هڪ انڊسٽري جو درجو اختيار ڪري وئي آهي هن چيو ته ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ته قيام ٿي ويو آهي پر هي قديمي شهر جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن دور ۾ به يونيورسٽي، ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ ڪاليج کان محروم آهن ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر وڪيل علي حسن چانڊيو، عزيز لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.