پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ تي سياسي پارٽيون ورهايل

اسلام آباد/ اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا جي اڪثريت خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ڪابينا ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ رڳو ان ون نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، سياسي اتحادين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي گورنر راڄ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾ حڪومت ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کان اڳ پيپلز پارٽي، قومي وطن پارٽي ۽ اي اين پي سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل وفاقي ڪابينا کي پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي، چيو ويو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاڻ وفاق تي ٻه ڀيرا حملو ڪيو، جنهن ۾ سرڪاري ملازم ۽ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي، هن پاڻ گورنر راڄ جو رستو صاف ڪيو آهي، ٻي پاسي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناالله چيو آهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو، آئين ۾ به رستو آهي پر اهڙي صورتحال ناهي جو گورنر راڄ لڳي، پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ ڪابينا ميمبر متفق ناهن، هن چيو ته صحافي مطيع الله جان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس دوران مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي ميمبرن طرفان گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو جڏهن ته اپوزيشن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي سٺي روايت ناهي، ٺهراءُ مير سليم احمد کوسي، مير محمد صادق عمراڻي، مير محمد عاصم ڪرد، راحيلا حميد خان دراني ۽ ٻين پيش ڪيو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته 9 مئي تي ملڪ گير وڳوڙ ڪرائيندڙ پي ٽي آءِ طرفان ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪيون پيون وڃن جيڪا ملڪ جي تاريخ ۾ سياسي ڏڦيڙي ٽولي جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، ايوان مطالبو ڪري ٿو ته هو پي ٽي آءِ تي فوري پابندي لڳائڻ کي يقيني بڻائي، ٺهراءُ تي ن ليگ صوبائي وزير سليم کوسي چيو ته پي ٽي آءِ جي کنيل قدمن ٺهراءُ آڻڻ تي مجبور ڪيو، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، اسلم رئيساڻي ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي، ڳالهين سان معاملا حل ڪرڻ گهرجن، نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ٺهراءَ کي آئيني ڍانچي تي حملو قرار ڏيندي چيو ته مون کي افسوس آهي جو جمهوريت لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ بلوچستان جو ايوان آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ سياسي پارٽين تي پابندي هڻي اسان ڇا حاصل ڪيو؟ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لڳائڻ سان ڇا مليو، نيشنل پارٽي تي پابندي سان ڇا مليو، ڇا اسان اڃان سبق ناهي سکيو؟ سڀاڻي اها پابندي پ پ ۽ ن ليگ تي به اچي سگهي ٿي، اسان سوچيو نه هو ته پي ڊي ايم ۾ موجود پارٽيون تحريڪ انصاف تي پابندي جو مطالبو ڪنديون، اسان ان گناهه ۾ شامل نه ٿينداسين. ڏکيو وقت گذري ويندو، آئون به 40 سالن کان مرده باد ۽ زنده باد جا نعرا هڻان پيو، ڪالهه دنيا نواز شريف لاءِ ڇا ڇا نه چيو اڄ اهي ماڻهو ان سان گڏ ويٺا آهن، خدا نه ڪري ايئن نه ٿئي جو اڄ مخالفت ڪندڙن کي سڀاڻي وري پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻو پوي، هن چيو ته پي ٽي آءِ سان لک اختلاف آهن پر واقعن جي مخالفت ۽ مذمت ڪريان ٿو، ٻڌايو ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيو، سمورا ادارا هاءِ جيڪ ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ آئين معطل آهي، ماحول مارشل لا کان گهٽ ناهي، حيران آهيان اسين آمريت ۾ ويهي وري چئون ٿا ته اڃا وڌيڪ آمريت لڳايو، ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، مزاحمت ڪنداسين، مون کي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، نوازشريف ۽ شهباز شريف کان شڪايت آهي ته بلوچستان اسيمبلي مان غير آئيني قرارداد پاس ڪرائي پئي وڃي.مولانا هدايت الرحمان قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم تي پابندي نه لڳي ته پوءِ ٽي آءِ تي به پابندي نه لڳڻ گهرجي، ڪارڪنن جي ڪمن جي سزا سموري پارٽي کي نه ملڻ گهرجي، ان کانپوءِ اپوزيشن ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، بعد ۾ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.هوڏانهن  عوامي نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي پاران خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ هڻڻ جي مخالفت ڪئي وئي. اي اين پي جي مرڪزي ترجمان انجنيئر احسان الله خان موجب گورنر راڄ هڻڻ مسئلي جو حل ناهي، گورنر راڄ هنيو به وڃي ته ٽن مهينن کانپوءِ ختم ٿي ويندو. پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي، گورنر راڄ اثرانداز نه هوندو. ترجمان موجب وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ معنيٰ جوڳين ڳالهين جي ضرورت آهي. جيڪڏهن قانوني طريقي سان عمران خان آزاد ٿي وڃي ته ڇا ٿي پوندو؟ ٻئي طرف جماعت اسلامي خيبرپختونخوا جي مرڪزي امير عبدالواسع چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ وفاقي حڪومت جو آئين خلاف قدم هوندو. عبدالواسع چيو ته اسيمبلين جي موجودگي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري ڳالهه وفاقي حڪومت جي بدنيتي آهي، گورنر راڄ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.