شرعي طور سنڌوءَ تي پهريون حق سنڌ وارن جو آهي،ڪئنال رٿا خطرناڪ آهي:عالم/مشائخ

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) سنڌ جي مذهبي عالمن مشائخن  اسڪالرن سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي تعمير وارن منصوبن کي سنڌ لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي رد ڪندي چيو آهي ته شرعي طور تي سنڌوءَ جي پاڻي تي حق پوڇڙ وارن جو وڌيڪ آهي، جماعت قادري جيلاني پاران روحاني شخصيت پير غلام جيلاني جي عرس جي موقعي تي جيلاني هائوس مڪلي تي منعقد ڪرايل روحاني اجتماع ۽  ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان، سني تحريڪ جي سربراھ علامه ثروت اعجاز قادري،جماعت قادري جيلاني جي روحاني پيشوا پير غلام رضواني جيلاني،جماعت قادري جيلاني جي مرڪزي چيئرمين پير غلام رحماني،جيلاني اهلسنت والجماعت جي عالمن پير ايوب جان سرهندي،مولانا حق النبي مفتي محمد ابراهيم،ميان عبدالباقي،پير عاصم شاھ جيلاني، علامه مظهر مختيار، پروفيسر عبدالعزيز مفتي عبيدالله ڏاهري، پير غلام حقاني ڪئنالن جي تعمير کي سنڌ جي اجتماعي مفادن خلاف قرار ڏيندي چيو ته عالمي قانون توڙي شريعت ان جي هرگز اجازت نه ٿي ڏئي ته بنا ٻين ننڍن صوبن جي راءِ جي تڪراري منصوبا شروع ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ اينڊ فيسليٽيشن ڪميٽي جو خصوصي اجلاس سڏائي اتفاق راءِ سان ڪئنالن جو معاملو حل ڪري،هنن چيو ته پاڻي معاملو اسان جي ٻچن ۽ نسلن جو معاملو آهي آئين ۽ قانون تحت تڪراري ڪئنالن بابت سنڌ جي عوام ۽ عوامي قيادت اسٽيڪ هولڊرز کان پڇيو وڃي. ھنن چيو ته 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ ۽ سڄي لاڙ پٽي کي سڪائڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو شرعي طور تي درياهه جي پاڻي تي پهريون حق اسان سنڌ جي پوڇڙ واسين جو آهي. ھنن چيو تہ تڪراري ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪري سنڌ سڪائڻ بند ڪيو وڃي ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ اڳ ئي گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ساحلي پٽي ۽ لاڙ جا ضلعا سخت متاثر آهن جماعت قادري جيلاني جي چيئرمين پير غلام رحماني جيلاني پاران وڏي روحاني اجتماع ۾ پيش ڪيل قرارداد جي سمورن عالمن مشائخن پاران حمايت ڪئي ويئي، اجتماع ۾ مصر ۽ آفريڪا کان ناليواري قاري جمال مصطفيٰ قاري الشيخ القردي ۽ الشيخ ابراهيم ماهر شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.