اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن، پاڻي ماهرن، اديبن، دانشورن سنڌو درياء مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي کي سنڌ کي تباه ڪرڻ جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪينالن وارو منصوبو سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري سنڌ منصوبن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي، وفاق کي بچائڻو آهي ته ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو واپس ورتو وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرزفورم طرفان اسلام آباد ۾ "سنڌو درياء جو جياپو ۽ خطرا ” جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. شاه لطيف ڪميونٽي سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ لاء انتهائي هاڃيڪار منصوبو آهي. هي منصوبو 1991جي پاڻي ٺاهه جي سڌي سئين خلاف ورزي آهي. هن منصوبي جي منظوري هڪ غير قانوني فورم تان ورتي وئي .چيو وڃي ٿو ته هن منصوبي ذريعي پنجٽيھ لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي.چولستان فيز ون منصوبي تي عمل ڪيو وڃي. پاڻي ٺاهه بعد چشما جهلم منصوبي ذريعي سنڌ کي نقصان رسايو ويو . ون يونٽ ۾ چشما جهلم منصوبو اهو چئي آندو ويو هو ته اهو ڪينال ٻوڏن ۾ وهايو ويندو.پير صبغت الله آبپاشي وارو وزير هو جنهن پنجاب مان موٽڻ بعد کائنس پڇيو ويو ته سائين چشماء تي ڇا فيصلو ٿيو ته چيائين اسين رڳو ڪپڙا بچائي پهتا آهيون . ٻه ملين ايڪڙ جون ناجائز اسڪيمون ۽ چولستان منصوبو سڀ منصوبا سنڌ لاء خطرناڪ آهن. چناب تي به ڊيم ٺاهڻا اٿن انهن جي گنجائش ساڍا ٽي لک ايڪڙ فٽ پاڻي هوندي. رسول بيراج کان سلمان ڪي تائين هڪ منصوبو آهي. پهرين مرحلي ۾ ساڍا چار لک ۽ ٻي مرحلي ۾ ساڍا ست لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي .ڊيلٽا تي پاڻي نٿو پهچي , آبادگار روٽيشن تي پاڻي کڻندا آهن .موجوده ڪينال سسٽم ۾ اسي سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ سنڌ ٿي کڻي .اسان جي ٻه ڪروڙ آبادي جو شهر ڪراچي جا پاڻي جا ٻه ئي وسيلا آهن اتي پئيڻ جو پاڻي جو بحران ڪر کڻندو. سنڌ جي ٽن بيراجن کي گڏجي نقصان کڻڻو پوندو، هن سان بدين ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ زمينون لوڻياٺيون ٿي وينديون , لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي، سامونڊي پٽي تباه ٿي ويندي. جي ايم سيد سنڌ اسمبلي ۾ چيو ته فيڊريشن اسان کي اهو حصو نه پئي ڏي , قائد اعظم ان جا نوٽس ورتا. ساڳيو وفاق ساڳي روش برقرار رکي ويٺل آهي. اسان جي هزارين سالن جي تهذيب , ڌرياء ۽ سمنڊ کان محروم ڪيا پيا وڃون. هن چيو ته ڇويھين آئيني ترميم ذريعي صوبن جا اختيار کسيا ويا آهن. ڪوسٽل بيلٽ عملن سنڌ وٽ آهي پر اتي اختيار وفاق جو آهي . موقع پرست سياستدان وفاق جو ساٿ پيا ڏين. عارف علوي اسان سان گڏجاڻي ۾ چيو ته اهو منصوبو منهنجي صدارتي دور ۾ مون وٽ کڻي آيا مون ان تي صحيح ڪونه ڪئي ان جي فائل پڙهي مون کي ننڊ نه آئي ته ان سان ته سنڌ کي ئي نقصان ٿيندو.اسان کي لکن ماڻهن کي رستن تي ڪڍڻو پوندو ته جئين دنيا ڏسي ته سنڌي تهذيب بچائڻ لاء نڪتا آهن .اسان کي هر طبقي وٽ وڃڻو پوندو , ملڪ کان ٻاهر به احتجاج ڪنداسين .سيمينار ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي چيو ته انڊس بيسن ٽريٽي ۾ وڏي تباهي آندي. پاڻي جي انهي سورس گهٽجڻ ڪري تمر جا ٻيلا تباه ٿيڻ شروع ٿيا .22 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي پنجاب وڃايو . پنجاب جو جر مٺو آهي اسان وٽ اها صورتحال ناهي ان ڪري سنڌ پنجاب کان مطالبو ڪيو ته اسان کي انڊس واٽر ٽريٽي ۾ پهتل نقصان جو معاوضوڏنو وڃي. سنڌو مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ هڪ وڏي سازش آهي چولستان ڪينال ڪالاباغ جيترو پاڻي کڻي ويندو. پيپلز پارٽي ۽ صدر زرداري کي واضح ڪرڻو پوندو ته هو سنڌ سان بيٺل آهن يا نه . سنڌ جو وڏو وزير 2023 جي آدم شماري جي رزلٽ تي وفاق وٽ سوديبازي ڪري آيو آهي. هن چيو ته سي سي آئي ۾ پنجاب جا پنج ميمر آهن , امير مقام به پنجاب سان بيٺل آهي ان ڪري سي سي آئي ۾ سنڌ جي مفادن وٽان ڪو فيصلو نٿو اچي سگهي. سنڌ جي سياسي جماعتن کي ڪينالن واري معاملي تي منظم مهم هلائڻي پوندي . قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو چيو ته مشرف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو ته سنڌ ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي. حڪمران جيڪڏهن درياء کي ترقي جو اهجاڻ سمجهن ٿا ته اعلان ٿا ڪريون ته سنڌو درياء پنج هزار سالن کان اسان جو ساه آهي ان تان اسين سنڌي هٿ نه کڻنداسين. پوء نتيجن جا ذميدار اوهين پاڻ هوندا. علي عباس ڳالهائيندي چيو ته اسين هڪ وفاقي يونٽ آهيون اسان جو استحصال ڪرڻ لاء توهان پنهنجي سر فيصلا پيا ڪريو.چشما جهلم لنڪ ڪينال , ٿل ڪينال سنڌ سڪائڻ جا منصوبا آهن. انڊيا ڊيم پيو ٺاهي , افغانستان ڪابل درياء تي منصوبا شروع پيو ڪري, راجستان ڪينال تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا جيڪو ناڪاره بڻجي ويو آهي .صحرائن ۾ ڪينال سموري دنيا ۾ ناڪام بڻجي رهيا آهن پوء چولستان ۾ ڪينال ڪئين ڪامياب رهندا . هن منصوبي سان سنڌ جا اٺ ضلعا متاثر ٿيندا , پنجاه کان سٺ لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويندا. مذاڪري کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جگديش آهوجا چيو ته اسان جي شاه رڳ تي حملو ڪيو پيو وڃي، مزاڪري کي خطاب ڪندي نالي واري ليکڪا ۽ شاعره گلشن لغاري ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي سنڌ رد ڪري ٿي چونڊيل اسمبليون اسان جو آواز بلند نه پيو ڪن عوام کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو.