ملڪ انارڪي ڏانهن پيو وڌي،سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙي خلاف تحريڪ هلائينداسين:فضل الرحمان

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جرنيلن کي چوڻ چاهيان ٿو ته وردي پهري سون جا ٻلا هڻي جي اهو سمجهو ٿا ته پاڪستان کي خوبصورت بڻائي سگهو ٿا ته بلڪل نه، اسٽيبلشمينٽ ۽ تڪبر ۾ مبتلا بيوروڪريسي کي به چوڻ چاهيان ٿو، مفاد پرست سياستدانن کي به چوڻ چاهيان ٿو، ملڪ هلائڻ اوهان جي وس ۾ ناهي، رستي تان هٽي وڃو، اسان ملڪ کي خوشحال بڻائينداسين،سکر ۾ سنڌ باب الاسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارن جي قوت کي اوهان غلط استعمال ڪري رهيا آهيو.جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي هر صوبي جي عوام کي سندن حقن لاءِ علم کنيو بيٺي آهي، اسان جو نعرو آهي ته سنڌ صوبو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي رڳو سنڌ جي عوام ۽ ان جي ٻارن جو حق آهي، ڪنهن جي پيءُ کي به اهو حق ناهي ته اهو جبري قبضو ڪري سگهي. سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو ته تحريڪ به اٿندي ۽ انشاءُالله مان اڳيان هوندس ۽ سنڌ جو عوام گڏ هوندو،هن چيو ته بلوچستان تي بلوچستان جي عوام جو حق آهي، خيبرپختونخوا جي وسيلن تي اتان جي عوام جو حق آهي. انهن جي حقن کي مڃڻو پوندو، پنجاب جي وسيلن تي پنجاب جي عوام جو حق آهي، نه ڪنهن کي حق ڏيڻ چاهيون ٿا نه ڪنهن کان کسڻ چاهيون ٿ،هن چيو ته ملڪ کي انارڪي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. آئين ۽ قانون جو احترام نٿو ڪيو وڃي، اسيمبليون چونڊيل ناهن هونديون ۽ ان لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون ته انهن کان قانون پاس ڪرائجن،هن چيو ته پارليامينٽ ۾ حڪمرانن ۽ ان جي پٺيان بيٺل طاقتور قوتن آئين جو حليو بگاڙڻ جو سوچيو آهي. جنرل ضياءُ ۽ جنرل مشرف به آئين جو مذاق بڻايو هو، ارڙهين ترميم ذريعي ان جو ازالو ڪيو ويو. جيڪو حاصل ڪيو هو ان تي پاڻي هارڻ لاءِ 26هين ترميم آندي وئي. آئيني ترميم جي شروعات انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان هئي، نالو جمهوريت ۽ اصل ۾ مارشل لا هو. عدليه کي غلام بڻايو ويو هو، 56شقن تي ٻڌل مسودو کي اسان 22 شقن تي آندو.قابلِ قبول مسودي ۾ اسان به شقون شامل ڪيون ته مسودو 27 شقن جو ٿي ويو،هن پي ٽي آءِ مارچ جو حوالو ڏيندي چيو ته قافلا اچي رهيا هئا ته اوهان انهن کي رستو ڏيو ٿا ۽ ڊي چوڪ پهچڻ تي گولي ڇو هلائي؟ حڪمرانن جي پرتشدد رويي جي مذمت ڪريون ٿا، هر پارٽي کي جلسي مظاهري جو حق آهي. جنهن صوبي سان اوهان کي شڪايت آهي ته اتان يلغار ٿي رهي آهي، ان صوبي جي حڪومت به توهان لڳائي هئي؟ نااهلن کي حڪومت ڏيندا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو. هٿياربند گروهه علائقن تي قابض ٿي رهيا آهن، ياسي ماڻهو به ڪارڪنن جا جنازا کڻن ٿا، توهان به چوندا آهيو ته اسان جا ٻه چار سپاهي شهيد ٿيا، ٻنهي جي فرضن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟حڪومت جي ڪا رٽ ناهي،هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. امن قائم ڪندڙ ادارا ڇا جي پگهار وٺي رهيا آهن؟ هن چيو ته شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ وقت مدرسن جي رجسٽريشن تي اتفاق ٿيو هو پر پوءِ ڪا قوت وچ ۾ اچي وئي ۽ ان بل جو حليو بگاڙيو ۽ اسان چيو ته ان کي اڻپورو پاس نه ڪرائينداسين. 26هين ترميم جي معاملي دوران اسان چيو ته ان بل کي به پاس ڪرايو، ان تي به اتفاق راءِ ٿي، پيپلزپارٽي کي 5 ڪلاڪ ڳالهيون ڪري ان تي راضي ڪريو. جڏهن بل پاس ٿي ويو ته اوهان اسيمبلي مان ڪي ٻيا بل پاس ڪرايا، آصف زرداري صاحب ٻين سڀني تي صحيحون ڪيون پر ديني مدرسن واري بل تي صحيحون ڇو ناهن ٿي رهيون. جي يو آءِ جا مدرسا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اٿندا، اسلام آباد جو رخ ڪندا ۽ هي ويندا ته پوءِ ڪير به رستو روڪي نه سگهندو.ان تي صحيحون نه ٿيون ته 8 ڊسمبر تي احتجاج ڪبو. خدا ڪري اهڙي نوبت نه اچي،هن چيو ته فيبروري جي اليڪشن کي رد ڪريون ٿا، هي خريد ڪيل اسيمبليون آهن. ٻيهر چونڊون نه ٿيون ته سک سان نه ويهنداسين، جدوجهد جاري رهندي،مولانا اسعد محمود خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ڪارڪن انهن(پي ٽي آءِ) وانگر مجبور ناهي،اسان پنهنجي مرضي سان سياست ڪنداسين،وفاقي ڪابينا ۾ ڪنهن جا وزير رکيل آهن،انهن وٽ اختيار ئي ناهي،اهي روز بيانيو پيا پيش ڪن ته معيشت درست رخ ۾ هلي رهي آهي،پرڏيهي پاليسي جو رخ درست ڪري ڇڏيو آهي،توهان جا ايران،افغانستان سان لاڳاپا خراب آهن، چين،آمريڪا توهان تي بي اعتباري پيا ڪن،ڇا توهان جو ڪاروبار ”جن“ ڪري رهيا آهن،ملڪ ئي بند آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪيئن مٿي وئي آهي،اهو ڍونگ آهي،حڪمران عالمي مفادن جي تحفظ خاطر پاليسيون ڇو ٿا ٺاهين؟عوام جي مفادن جو به خيال رکو،اسان پاڙيسري ملڪن سان ڀرپور دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا،هن چيو ته اليڪشن ۾ سنڌ،پنجاب،بلوچستان،ڪي پي جي حڪومتن کي وڪرو ڪيو ويو،صدارتي محل به وڪرو ڪيو ويو،هن چيو ته مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف بربريت جي مذمت ڪريان ٿو،اسان انهن لاءِ اسيمبلين ۾ آواز بڻجنداسين،هن ڀيري مان ۽ راشد محمود سومرو اسلام آباد مارچ لاءِ سنڌ مان قافلن جي اڳواڻي ڪنداسين،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.