دل جي صحت، چمڙي جا فائدا، وزن ۾ گهٽتائي، هڪ سبزي جا پنج وڏا فائدا!

سياري توڙي سانوڻ ۾ صحت جو خيال رکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، اهڙي اهميت کي نظر ۾ رکندي اڄ اسان اوهان لاءِ هڪ اهڙي سولي ۽ سادي سبزي آندي آهي جيڪا توهان کي پنج وڏا فائدا ڏيندي آهي، اها سبزي هونئن ته ٿڌي تاثير هجڻ ڪري سانوڻ ۾ ٿئي ٿي پر سياري ۾ به ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪيو ويندو آهي.

اها سبزي آهي کيرو.

بنا دير جي اسان کيري ۾ موجود صحت جي فائدن بابت ٻڌايون ٿا.

دل جي صحت: کيري ۾ پوٽاشيم، ميگنيشيم ۽ وٽامن سي جو ججهو مقدار هوندو آهي جيڪي دل جي صحت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، روز کيري جو استعمال رت جي دٻاءَ کي ضابطي ۾ رکي ٿو جنهن سان دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.

چمڙي لاءِ فائدا: کيري ۾ وٽامن سي جو به ججهو مقدار هوندو آهي جيڪو چمڙي کي نرم ۽ تازو بڻائڻ سان گڏ خوبصورت بڻائڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندو آهي. کيرو ڪوليجن جي پيدوار ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو جيڪو چمڙي کي گهنج پوڻ کان بچائيندو آهي، کيرو چمڙي کي ن کان به محفوظ رکي ٿو ۽ نئين چمڙي جي نئين سيلن جي واڌ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

مضبوط مدافعتي نظا: کيري ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به ججهي مقدار ۾ هوندا آهن جيڪي جسم جي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائيندا آهن، اهو جسم کي مختلف انفيڪشنز ۽ بيمارين کان بچائڻ ۾ به وڏي مدد ڪندو آهي خاص ڪري کيرو نزلي ۽ زڪام جي موسم ۾ تمام گهڻو فائديمند هجي ٿو.

وزن ۾ لاٿ: کيري ۾ ڪيلوريز جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي ۽ فائبر تمام ججهي مقدار ۾ هجي ٿو جنهن جي ڪري کيرو کائڻ سان پيٽ ڀرجڻ ۾ مدد ملي ٿي، جنهن سان ٻيا کاڌا کائن سان بچت ٿيندي آهي، جڏهن ته کيري ۾ پاڻياٺ به موجود آهي جنهن جي ڪري کيرو وزن گهٽائڻ لاءِ انتهائي فائديمند سمجهيو ويندو آهي، جيڪڏهن نيراني کيري جي مٿان ليمي جي رس هاري کائجي ته هڪ هفتي جي اندر وزن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي ويندي.

هاضمي لاءِ فائديمند: جيئن ته کيري ۾ فائبر ۽ پاڻي ججهي مقدار ۾ هوندو آهي ۽ اهي هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تمام بهترين جز آهن، کيرو قبضي کي ختم ڪري هاضمي جا مسئلا حل ڪندو آهي، انڪري کيرو هاضمي جي لاءِ به تمام بهترين آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.