سوين موتمار بيمارين کان بچائيندڙ نيراني جو معمولي عمل!

هونئن ته صحت جو خيال ڪرڻ جي لاءِ ڪو به وقت يا ڪنهن ننڍڙي عمل تي ڀاڙڻ بدران هر وقت پنهنجي صحت جو خيال ڪرڻ گهرجي ته بهتر رهندو، پر تنهن باوجود به ڪيترائي اهڙا ننڍڙا عمل آهن جيڪي صحت تي ايترا ته بهترين اثر ڇڏين ٿا جيڪي سڄي زندگيءَ لاءِ ڪارائتا هوندا آهن، اڄ اسان اهڙي ئي هڪڙي معمولي پر وڏين وڏين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رکندڙ عمل بابت ٻڌائينداسين.

دل جي دوري ۽ بند رڳن جي مرض بابت ته اوهان سڀني کي خبر هوندي، سڻڀ، هوٽلنگ، تيز پڪل کاڌن، سگريٽن يا ٻئي دونهين جي واپرائڻ جي ڪري رت جي رڳن ۾ زنگ يا ڪنهن ٻئي مواد جي بلاڪيج ٿي ويندي آهي جيڪا رڳن کي بند ڪري دل جي دوري جو سبب بڻجي ٿي، دل جي دوري کان بچڻ لاءِ خطرناڪ اينجئوگرافي ۽ اينجيوپلاسٽي مان گذرڻو پوندو آهي جيڪي عمل پنهنجو پاڻ ۾ ئي موتمار هوندا آهن، مطلب جيڪڏهن ڪو ماڻهو دل جي دوري جي ڪري ان اسٽيج تي پهتو ته ان جي اينجيوپلاسٽي ڪجي ته اهو ان عمل دوران به پنهنجي حياتي وڃائي سگهي ٿو.

ان سان گڏ معدي توڙي آنڊن جون بيماريون به اڄڪلهه وڌنديون پيون وڃن، معدي کي ته بيمارين جي ماءُ چيو ويندو آهي، انڪري ان جي سنڀال به انتهائي ضروري ۽ ڏکي هجي ٿي.

گردن جا ڪيترائي مسئلا ۽ انهن جي حفاظت به ڪيترن ئي طريقين جي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ مخصوص قسم جي طريقن تي عمل ڪري پنهنجي مڪمل عضون جو خيال رکي سگهجي ٿو.

پر اڄ اسان هڪ اهڙي ننڍڙي عمل جي باري ۾ ٻڌايون ٿا جيڪو جيڪڏهن ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ صبح جو نيراني(ڪنهن به کاڌي کائڻ کان اڳ) ڪجي ته دل جي دوري، رڳن جي بند ٿيڻ، معدي جي مسئلن توڙي آنڊن جي مسئلن کان نه رڳو محفوظ رکي ٿو پر رڳن ۽ آنڊن توڙي معدي ۾ موجود زهرات ۽ بلاڪيج وغيره کي به آهستي آهستي ختم ڪندو آهي. اهو عمل آهي، هلڪي گرم پاڻي جو پيئڻ.

نيراني ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ هلڪو گرم پاڻي (هوريان هوريان) پيئڻ سان توهان جي جسم ۾ موجود رڳن ۾ رت جا وهڪرا بهتر ٿيندا آهن، جيڪڏهن رڳن ۾ ڪنهن قسم جي سڻڀ، غلط کاڌن يا تيل جي ڪري ڄميل زنگ يا بلاڪيج وغيره هوندي آهي ته اهو هلڪو گرم پاڻي انکي ختم ڪري ٿو جنهن سان يقينن طور دل جي دوري کان حفاظت ملي ٿي.

ان سان گڏ سڄي رات ساهه کڻڻ سان معدي ۾ به زهرات ڀرجي ويندي آهي جيڪا به گرم پاڻي پيئڻ سان صاف ٿي پيشاب جي ذريعي نيڪال ٿي وڃي ٿي، نه رڳو ايترو پر آنڊن ۽ پيٽ جي ٻين مسئلن کان به گرم پاڻي بچائي ٿو ۽ سڄي پيٽ جي اندرين مشينري کي ڌوئي پيشاب جي ذريعي خارج ڪري ڇڏي ٿو.

گرم پاڻي جو استعمال ذهني طور طاقتور رهڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندو آهي، ان سان گڏ گرم پاڻي پيئڻ جي عادت وڏي عمر، چهري تي گهنج اچڻ، چمڙي جي مختلف بيمارين، هڏن ۾ وٿيون ٿيڻ ۽ ڪمزوري ٿيڻ سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين کان بچائيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.