هيڪرن بينڪ جو آءِ ٽي سسٽم هيڪ ڪري 17 ملين ڊالر چوري ڪري ورتا

ڪمپالا (ويب ڊيسڪ) يوگنڊا جي مرڪزي بينڪ مان هيڪرن 17 ملين ڊالر چوري ڪري ورتا.
پرڏيهي ميڊيا موجب هيڪرن بينڪ آف يوگنڊا جي آءِ ٽي سسٽمز تائين پهچ حاصل ڪري اها رقم منتقل ڪئي.
يوگنڊا جي هڪ سرڪاري اخبار جي رپورٽ ۾ اڻڄاتل ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ موجود هيڪنگ گروپ چوري جي رقم جو ڪجهه حصو جاپان موڪليو پر بينڪ چوري ٿيل رقم جو اڌ حصو ريڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
يوگنڊا جي صدر جي حڪم تي سائبر حملي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.