هونئن ته سهڻي ڪنوار جي سڀ ڪنهن کي ضرورت هوندي آهي، پر ٻاهرين ملڪن ۾ ڊگهي عرصي تائين رهائش لاءِ اتان جي عورتن سان شادي ڪرڻ جو طريقو سڀ کان سولو سمجهيو ويندو آهي، پر هر ملڪ جي عورتن سان شادي ڪرڻ لاءِ شرط ئي اهڙا هوندا آهن جو پاڪستاني مرد انهن شرطن تي پورا لهندا ئي ناهن، اهڙي قانونن جي حوالي سان وري سعودي جا قانون ته وري سڀ کان ڏکيا هوندا آهن جن تي پورو لهڻ کانسواءِ سعودي عورتن سان شادي ناممڪن هوندي آهي، روزگار، ڪاروبار يا ڪنهن به ٻئي سبب لاءِ سعودي ۾ رهائش ڪندڙ پاڪستاني ماڻهن لاءِ اٺ اهڙا قانون آهن جن تي پورو لهجي ته سعودي جي ڪنهن به عورت سان شادي ڪري سگهجي ٿي، پوءِ اها عام هجي يا ڪا شهزادي ۽ اميرزادي.
ڪيترائي ماڻهو پوءِ اهي پاڪستاني هجن يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا اهي سعودي عرب جي عورتن سان شادي ڪرڻ لاءِ رشتن جي ڳولا ڪندا رهندا آهن، هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سعودي جي ڪنواري عورتن توڙي طلاقيل يا وري بيواهه عورتن جون شاديون ڪنهن به آن لائين پليٽ فارم تي ناهن ڏنيون وينديون، انڪري سعودي عورتن سان شادي لاءِ آن لائين ڳولا بند ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به فراڊ ۾ اچڻ نه گهرجي.
سعودي عرب پنهنجي ملڪ جي عورتن سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪجهه قانونن يا شرط طئي ڪري رکيا آهن، جيڪو انهن شرطن تي پورو لهي ته ڪنهن به سعودي عورت سان شادي ڪري سگهي ٿو، ڀليان پوءِ اها ڪنهن بادشاهه گهراڻي جي عورت ڇو نه هجي يا شهزادي ڇو نه هجي.
سعودي عورتن سان شادي ڪرڻ جا اٺ شرط هيٺيان آهن.
پرڏيهي ماڻهن سان شادي ڪندڙ سعودي عورت جي پنهنجي عمر پنجويهه کان پنجاهه سالن تائين هجڻ گهرجي، انکان ننڍي يا وڏي عمر جي عورت سان ڪير به ٻاهريون ماڻهو شادي نٿو ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن ڪو سعودي جو مرد پرڏيهي عورت سان شادي ڪرڻ چاهي ته ان مرد جي عمر چاليهه کان سٺ سالن تائين ئي هجڻ گهرجي.
ڪنهن به جسماني معذور شخص يا غير معمولي ضرورتن جي صورت ۾، اڻڄاڻ ماءُ پيءُ وٽ رهائش واري ماڻهن جي عمر ۾ ٿوري گهڻي گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.
سعودي عورت ۽ پاڪستاني توڙي ڪنهن به پرڏيهي ماڻهو جي شادي لاءِ اهو ضروري آهي انهن جي عمر ۾ پندرهن سالن کان وڌيڪ فرق نه هجي.
جيڪڏهن پرڏيهي ماڻهو اڳواٽ ئي پرڻيل آهي ته يا ان جي اڳ ۾ ئي ڪنهن سعودي عورت سان شادي ٿيل آهي ته اهو ٻئي سعودي عورت سان شادي نٿو ڪري سگهي.
سعودي عورت سان ڪو به اهڙو پرڏيهي شادي نٿو ڪري سگهي جنهن جو تعلق پنهنجي ملڪ جي فوج سان هجي.
ڪو اهڙو ماڻهو به سعودي عورت سان شادي نٿو ڪري سگهي جنهن جي سعودي اچڻ تي پابندي هجي.
ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي ملڪ جو شناختي ڪارڊ هجڻ ضرور آهي، اهو پنهنجي ملڪ کان بي وطني نه هجي، پنهنجي ئي ملڪ جي گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن مهينن جي شهريت ضرورت رکندڙ هجي.
جيڪڏهن ڪير به اهڙا شرط پورا ڪري ٿو ته انکي سعودي جي عورت سان شادي ڪرڻ جي سولائيءَ سان اجازت آهي، جڏهن ته سعودي عورت کي به اهڙا شرط پورا ڪرڻ تي اجازت ملي وڃي ٿي.
اها ڳالهه به واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته سعودي عورت جو راضي هجڻ يا انکي ڳولڻ جي ذميواري به هر ماڻهو تي پاڻ هوندي.
سعودي عرب پنهنجي ملڪ جي عورتن سان شادي جا جيڪا شرط رکيا آهن انهن تي پورو لهندڙ هر شخص ڪنهن به سعودي جي عورت سان به شادي ڪري سگهي ٿو،پوءِ اها ڪا عام سعودي عورت هجي يا کڻي سعودي جي شهزادي ڇو نه هجي.